ڊيرا اسماعيل خان جي علائقي ڪلاچي ۾ سڪيورٽي فورسز جي آپريشن ۾ فتنہ الخوارج جا 7 دھشتگرد مارجي ويا، مارجي ويل دھشتگردن ۾ 2 آپگھاتي بمبار بہ شامل ھئا.
ڊيرا اسماعيل خان جي علائقي ڪلاچي ۾ سڪيورٽي فورسز جي آپريشن ۾ فتنہ الخوارج جا 7 دھشتگرد مارجي ويا، مارجي ويل دھشتگردن ۾ 2 آپگھاتي بمبار بہ شامل ھئا.
آءِ ايس پي آر موجب 20 سيپٽمبر تي سڪيورٽي فورسز ڊيرا اسماعيل خان جي علائقي ڪلاچي ۾ ڀارتي پراڪسي فتنہ الخوارج سان واسطو رکندڙ دھشتگردن جي موجودگيءَ واري اطلاع تي انٽيليجنس آپريشن ڪيو.
آءِ ايس پي آر جو چوڻ آھي تہ آپريشن دوران سڪيورٽي فورسز خوارج جي ٺڪاڻن کي موثر انداز ۾ نشانو بڻايو، جنھن ۾ 7 دھشتگردن کي ماريو ويو، جن ۾ 3 افغان خارج ۽ 2 اپگھاتي بمبار بہ شامل ھئا.
آءِ ايس پي آر موجب پاڪستان کي اميد آھي تہ عبوري افغان حڪومت پنھنجيون ذميواريون نڀائيندي ۽ پنھنجي سرزمين کي پاڪستان خلاف دھشتگرد سرگرمين لاءِ استعمال ٿيڻ نہ ڏيندي.
پاڪ فوج جي ترجمان اداري موجب علائقي ۾ سرچ ۽ ڪليئرنس آپريشن جاري آھي تہ جيئن ڪنھن بہ ڀارتي سرپرستي يافتہ خوارج کي ختم ڪري سگھجي.
وزيراعظم شھباز شريف۽ وفاقي گھرو وزير محسن نقوي 7 خارجي دھشتگردن کي مارڻ تي سڪيورٽي فورسز کي ڀيٽا پيش ڪئي آھي.