خيبرپختونخواھ جي علائقي ڊيرا اسماعيل خان ۾ پوليس ٽريننگ سينٽر تي حملو ڪندڙ 5 دھشتگرد مارجي ويا، سڪيورٽي فورسز ڪليئرنس آپريشن مڪمل ڪري ورتو آھي.
ڊي ايس پي حافظ محمد عدنان جو چوڻ آھي تہ آپگھاتي بمبار سميت حملي آور 5 دھشتگردن کي ماريو ويو آھي، دھشتگردن سان جھيڙندي 7 اھلڪار بہ شھيد ۽ 13زخمي ٿي پيا.
پوليس موجب حملي وقت ٽريننگ سينٽر ۾ موجود 200 پوليس اھلڪارن کي ريسڪيو ڪيو ويو ھو.
ڪارروائي دوران ٽريننگ اسڪول ۽ نادرا آفيس کي بہ ڪليئر ڪيو ويو آھي.
ڊيرا اسماعيل خان اسپتال جي ڊائريڪٽر جو چوڻ آھي تہ 13 زخمي اھلڪارن کي ڊي ايڇ ڪيو ٽراما سينٽر آندو ويو، جن مان ڪجھ اھلڪارن جي حالت نازڪ آھي .