ڊونلڊ ٽرمپ پاران ناناڻي ديس اسڪاٽ لينڊ جو دورو

فہرستِ مضامین

آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ هن وقت پنهنجي ناناڻي ديس اسڪاٽ لينڊ ۾ موجود آهي، جتي هو پنهنجي ملڪيت ۾ شامل ٻن گولف ريزورٽس جي 5 ڏينهن واري ذاتي دوري تي آهي.

 25 جولاءِ 2025 کان شروع ٿيل سندس هي دورو اھڙي وقت ٿي رھيو آھي جڏھن 17 کان 19 سيپٽمبر تائين کيس برطانيا جو سرڪاري دورو بھ ڪرڻو آھي، تي بادشاھ چارلس ٿري سندس ميزباني ڪندو.

ڊونلڊ ٽرمپ جو اسڪاٽ لينڊ جو دورو ھڪ ذاتي سفر کان وڌيڪ آمريڪي صدر جي منفرد انداز ۽ سندس شخصيت جي مختلف پاسن کي نمايان ڪري ٿو.

صدر ٽرمپ جون خانداني پاڙون ۽ گولف جو ڪاروبار

ڊونلڊ ٽرمپ جو اسڪاٽ لينڊ سان هڪ گهرو خانداني لاڳاپو آهي، سندس والده، ميري اين ميڪلوڊ 1912 ۾ آئوٽر هيبرائڊز جي ٻيٽ ليوس ۾ پيدا ٿي هئي ۽ بعد ۾ نيو يارڪ لڏي وئي هئي. اھو خانداني تعلق ئي ٽرمپ کي ناناڻي ديس ڇڪي وٺي آيو آھي.

ڊونلڊ ٽرمپ پنھنجي ذاتي دوري دوران ڏکڻ آئرشائر جي ٽرن بيئري ۾ گھڻو وقت گھاري رھيو آھي، جيڪو ھڪ عالمي معيار جو گولف ريزورٽ آھي. ڊونلڊ ٽرمپ اھو ريزورٽ 2014 ۾ حاصل ڪيو ھو.

صدر ٽرمپ ايبرڊينشائر جي علائقي ميني جو بھ دورو ڪري رھيو آھي، جتي ھو پنھنجي اسڪاٽش والدھ جي مان ۾ ھڪ نئون 18 ھولز وارو گولف ڪورس کولي رھيو آھي.

ڪنهن حاضر سروس آمريڪي صدر پاران ائين عوامي سطح تي پنهنجي ذاتي ڪاروباري مفادن کي هٿي ڏيڻ کي غير معمولي سمجهيو وڃي ٿو. هي پهريون موقعو ناهي جڏهن ٽرمپ تي پنهنجي ذاتي معاملن ۽ رياستي معاملن کي گڏائي ھلڻ جا الزام لڳا ھجن.

اٽڪل 10 سالن اڳ 2015 جي پنهنجي صدارتي مهم دوران بھ هن ھڪ انٽرويو دوران برطانيا سان واڳيل معاملن تي پڇيل سوال جي جواب ۾ پنھنجي اسڪاٽش گولف ڪورسن جي شھرت کي ھٿي ڏيندڙ جواب ڏنو ھو، سندس اھو انداز سياست ۾ ذاتي ڪاروباري مفادن کي گڏائي ھلڻ واري روش جي نشاندھي ڪري ٿو.

ذاتي ملاقاتون ۽ انھن جي عوامي اهميت

ذاتي نوعيت جو دورو ھئڻ باوجود ڊونلڊ ٽرمپ اسڪاٽ لينڊ جي فرسٽ منسٽر جان سوئني ۽ برطانيا جي وزيراعظم سر ڪيئر اسٽارمر سان ملاقاتون بھ ڪندو. وائيٽ هائوس جي اشاري موجب آمريڪي صدر جون برطانوي وزيراعظم سان ڳالهيون ٻطرفي واپار بابت ھونديون.

اسڪاچ وسڪي ٺاھيندڙ ۽ ٻيا ڪاروباري اڳواڻ برطانوي وزيراعظم ۽ اسڪاٽش منسٽر سوئني تي زور ڀري رھيا آھن تھ ھو ٽرمپ سان ملاقات جو فائدو وٺندي مختلف شين جي امپورٽس تي آمريڪي ٽئڪسن ۽ ٽيرفس کي گھٽائڻ لاءِ لابنگ ڪن.

سخت سيڪيورٽي ۽ احتجاجي مظاھرن جا امڪان

اسڪاٽ لينڊ جي دوري جي موقعي تي صدر ٽرمپ جي سيڪيورٽي جا انتھائي سخت انتظام ڪيا ويا آھن. فوجي سامان کڻي ويندڙ وڏا ٽرانسپورٽ جهاز، جن ۾ خاص ميرين ون هيليڪاپٽرز بھ شامل آهن، اهي ايبرڊين ۽ پريسٽوڪ ايئرپورٽس تي ڏٺا ويا آهن.

روڊن کي محفوظ ڪري بند ڪيو ويو آهي ۽ ٽرمپ جي رھائش وارن ھنڌن جي فضائي حدن ۾ اڏامن تي پابندي لڳائي وئي آھي. انگلينڊ-اسڪاٽ لينڊ سرحد پار کان پوليس جي اضافي نفري به موڪلي وئي آهي. هڪ اڳوڻي سينيئر آفيسر موجب ٽرمپ جي سيڪيورٽي انتظامن لاءِ پوليس جي خرچن جو اندازو 5 ملين پائونڊز کان بھ وڌيڪ لڳايو ويو آهي.

ايبرڊين ۽ ايڊنبرا ۾ صدر ٽرمپ خلاف وڏا مظاھرا ٿيڻ جا امڪان آھن. اسٽاپ ٽرمپ ڪوليشن گروپ جي اسڪاٽش ونگ پاران مزاحمت جو ميلو جي عنوان سان مظاھرن جو اعلان ڪيو ويو آھي. ان گروپ صدر ٽرمپ جي برطانوي دوري دوران 17 سيپٽمبر تي لنڊن ۾ بھ ھڪ وڏي مظاھري جو اعلان ڪيو آھي.

ڊونلڊ ٽرمپ جي 2018 جي آخري صدارتي دوري دوران بھ برطانيا ۾ نمايان احتجاج ٿيا هئا، جن ۾ ٽرمپ جي شڪل وارو ھوا سان ڀريل ھڪ وڏو پتلو عالمي ميڊيا جي ڌيان جو مرڪز بڻيو ھو.

مزید خبریں

مقبول ترین خبریں