ڊرامن ۾ زيادتي ۽ ڏاڍ لاءِ رومانس پيدا ڪيو پيو وڃي: اداڪارا صحيفه جبار خٽڪ

فہرستِ مضامین

ناليواري اداڪارا ۽ ماڊل صحيفھ جبار خٽڪ پاڪستاني ڊراما انڊسٽري کي ڇتي تنقيد جو نشانو بڻائيندي چيو آھي تھ ڊرامن ۾ ڏاڍ ۽ زيادتي کي رومانوي انداز ۾ پيش ڪيو پيو وڃي.

انسٽا گرام تي لکيل پنھنجي نوٽ ۾ اداڪارا ڊرامن جي مواد، اخلاقيات ۽ ڪم ڪرڻ وارين حالتن تي بھ سخت ڇوھ ڇنڊيا آھن. ھن سوال اٿاريو تھ پاڪستان جي اصلي مسئلن ۽ المناڪ واقعن تي ڊراما ڇو نه پيا ٺاھيا وڃن.

صحيفھ جبار چيو تھ بلوچستان ۾ غيرت جي نالي تي جوڙي جي قتل، زينب ڪيس ۽ نور مقدم قتل ڪيس جھڙن واقعن کي موضوع ڇو نھ ٿو بڻايو وڃي.

ھن چيو تھ اسان جي چوڌاري بي شمار ڪھاڻيون آھن، بس داتا درٻار کان ٻاھر گھمو ۽ انھن ھيروئن جي نشائين کي ڏسو جن بابت ڪير نھ ٿو ڳالھائي، يا قصور ۾ ٻارن سان ڏاڍائي ڪندڙ گينگ، ھي اھي ڪھاڻيون آھن جيڪي اسان کي ڏيکارڻ جي ضرورت آھي، اھڙيون ڪھاڻيون جيڪي اسان کي بي حس بڻائڻ بدران جاڳائي وجھن.

 صحيفھ جبار خٽڪ، جنهن فقط پنج ٽي وي ڊرامن ۾ اداڪاري ڪئي آهي، انڪشاف ڪيو ته هن وڌيڪ ڊرامن ۾ ڇو ڪم نھ ڪيو. ھن چيو تھ “مون وٽ هميشه ڪم هوندو هو، حقيقت ۾ ڪافي کان وڌيڪ، پر مون هر شيءِ لاءِ ها نه ڪئي. ڪجهه اهڙا منصوبا هئا جن تي مون کي يقين نه هو.”

انڊسٽري جي مارننگ شوز تي مواد کي دلڪش بڻائڻ جي رجحان جي باوجود، هن زور ڏنو ته هن جا فقط ٻه ڊراما پراجيڪٽس، بيٽي ۽ ڀـُول، ئي پنهنجن معنيٰ خيز پيغامن سبب کيس حقيقي طور پسند آيا.

صحيفھ جبار  ڊراما پروڊڪشن جي بنيادي ڍانچي کي بھ تنقيد جو نشانو بڻايو ۽ چيو تھ اهو گهٽ ئي ٿيندو آهي ته پروڊڪشن دوران ڪنهن ڊرامي کي سنجيدگي سان ورتو وڃي. اڪثر ڪري اسڪرپٽس سان اهڙي گهرائي سان سلوڪ نه ڪيو ويندو آهي جنهن جا اهي حقدار ھوندا آھن.

ھن چيو تھ جيستائين اسين رڳو وڪرو ڪرڻ لاءِ ڊراما ٺاهيندا رهنداسين، تيستائين اسان پنهنجو مقصد، پنهنجي سالميت ۽ اهي حقيقي ڪهاڻيون وڃائيندا رهنداسين جن کي ٻڌائڻ ضروري آهي.

صحيفھ جبار خٽڪ حقيقت پسندي جي رجحان تي به زور ڏنو ۽ ڪردارن جي ميڪ اپ ۽ ڪاسٽيومز ذريعي حد کان وڌيڪ گليمرائيزيشن تي به تنقيد ڪئي.

هن چيو ته اهڙا پيشيور اسٽائلسٽ ۽ فنڪار رکو جيڪي حقيقت ۾ سمجهن ته ڪهاڻي، طبقي ۽ ثقافت مطابق ڪردار کي ڪيئن تيار ڪيو وڃي، اسان کي حقيقت پسندي گهرجي، فنٽاسي نھ.

ڊراما انڊسٽري جو زھريلو ۽ استحصالي ماحول

صحيفھ جبار ڊراما انڊسٽري ۾ ڪم ڪندڙ اداڪارن کي مھينن تائين ادائگي نھ ٿيڻ ۽ بنيادي سھولتن جي کوٽ جو ذڪر ڪندي ان کي زھريلو ۽ استحصالي ماحول قرار ڏيندي ان جي مذمت ڪئي.

هن لکيو آھي تھ اچو ڳالهايون ته پروڊڪشن هائوسز مهينن تائين ادائگين ۾ ڇو دير ڪندا آهن، ڪو ڍانچو ناهي، ڪي اهڙا معاهدا ناهن جن جي پاسداري ڪئي وڃي، ذميواري جو ڪو احساس ناهي.

هن تفصيل سان ٻڌايو ته ڪيئن اداڪارن کي ڏينھن ۾ 12 کان 14 ڪلاڪن تائين اهڙين حالتن ۾ ڪم ڪرڻ تي مجبور ڪيو وڃي ٿو جيڪي بلڪل بھ ٺيڪ نھ آھن.

اداڪارا ٻڌايو تھ صاف سٿرا واش روم نھ ٿا ھجن، ڊرامي جي سموري ڪاسٽ لاءِ ھڪ ڪمرو ھجي ٿو، جتي ڪو کائي پي رھيو ھجي ٿو، ڪو ڪپڙا بدلائي رھيو ھجي ٿو، ڪو سمھڻ جي ڪوشش ڪري ٿو، سڀ ھڪ ئي جاءِ تي جنس جو خيال رکڻ کانسواءِ سڀ ڪم ڪري رھيا ھجن ٿا.

ھن ڊراما انڊسٽري جي گمراهه ڪندڙ ترغيبن کي تنقيد جو نشانو بڻايو، ھن چيو تھ ھتي  وقت تي اچڻ ۽ ڪم تي ڌيان ڏيڻ کي “مشڪل” سمجهيو ويندو آهي، جڏهن ته نخرا ڪرڻ ۽ دير سان اچڻ کي قابل قدر سمجھيو وڃي ٿو.

صحفيھ جبار جي اھا سخت تنقيد اھڙي وقت سامھون آئي آھي جڏھن پاڪستاني انٽرٽينمينٽ انڊسٽري ۾ مرينا خان، سيد محمد ۽ عليزي شاھ، رمشا خان ۽ خوشحال خان جھڙا نوان فنڪار ادائگين ۾ دير ۽ شفافيت جي کوٽ جون دانھون ڪري چڪا آھن.

مزید خبریں

مقبول ترین خبریں