ڊرائيور جي غفلت سبب مسافر بس سان خوفناڪ حادثو، 8ڄڻا فوت،18 زخمي

فہرستِ مضامین

ڪراچي-ڊبليو ٽي اين

اسلام آباد کان لاهور ويندڙ مسافر بس چڪوال ۾ حادثي جو شڪار ٿي وئي جنهن جي نتيجي ۾ 8 مسافر اجل جو شڪار ٿي ويا ۽ 18 ڄڻا زخمي ٿي پيا آهن، حادثي واري هنڌ تي قيامت جا منظر هئا.

ريسڪيو اختيارين موجب موجب مسافر بس پنهنجي منزل طرف روان دوان هئي ته موٽر وي تي ڍوڪ سيال ويجهو حادثي جو شڪار ٿي وئي، ڊرائيور بس کي ڪنٽرول نه ڪري سگهيو ۽ رفتار تيز هُجڻ سبب آئوٽ آف ڪنٽرول ٿي گهري کاهي ۾ وڃي ڪري.

ريسڪيو اختيارين موجب حادثي جو اطلاع ملندي ئي ريسڪيو ٽيمون پهتيون، جن بس مان مسافر کي ڪڍڻ لاءِ ريسڪيو آپريشن ڪيو، 6 ڄڻا ٿڏي تي اجل جو شڪار ٿيا، جڏهن ته 26 زخمين کي ٽراما سينٽر ڪلهر ڪهار ۽ ڊي ايڇ ڪيو اسپتال منتقل ڪيو ويو

پوليس موجب زخمين مان ٻن مسافرن اسپتال ۾ طبي امداد دوران دم ڏنو، جنهن کانپوءِ فوتين جو انگ 8 ٿي ويو ۽ 18 ڄڻن کي طبي امداد ڏني پئي وڃي

حادثو ڪيئن پيش آيو؟

موٽر وي پوليس جي ترجمان موجب حادثي جو شڪار بس اسلام آباد کان لاهور وڃي رهي هئي، حادثو بس ڊرائيور جي غفلت ۽ لاپرواهي سبب پيش آيو.

حادثي ۾ فوت ٿيلن جو تعلق پنجاب جي مختلف شهرن، علائقن سان آهي، فوتين توڙي زخمين جا وارث اسپتال پهچڻ شروع ٿي ويا آهن

ذريعن موجب حادثو ڊرائيور جي غلفت سبب پيش آيو، ڊرائيور گاڏي جي اسپيڊ نارمل رکڻ بدران اوور اسپيڊنگ ڪئي، جنهن سبب بس اُن جي ڪنٽرول مان نڪري وئي.

قيامت جا منظر هئا، زخمي دانهيون ڪري رهيا هئا

ميڊيا رپورٽس موجب جتي بس کاهي ۾ ڪري، اُتان جا مقامي ماڻهو پهتا، جن زخمين توڙي فوتين جا مڙهه ڪڍڻ توڙي ريسڪيو ٽيمن کي گهرايو، علائقي واسين موجب معصوم ٻارڙا روئي رهيا هئا، ڪنهن مسافر جي جسم جا عضووا ڪٽجي ويا هئا ته ڪنهن جو مٿو ڦاٽل هو.

اکين ڏٺن شاهدن موجب شروع ۾ اسان کي سمجهه ۾ ڪونه پئي آيو ته ڇا ڪريون، قيامت خيز منظر هئا، سُڏڪن جي صدائن جيءُ جهوري وڌو هو، اِهي خوفناڪ منظر ڏسي ماڻهو روئي رهيا هئا.

ڄامشورو ۾ بس ٽرڪ سان ٽڪرائجي وئي

ٻئي پاسي ڄامشورو ۾ ڪراچي کان لاڙڪاڻو ويندڙ بس کي حادثو پيش آيو، جتي  2 ماڻهو فوت ٿي ويا.

ڄامشورو ۾ به ايم نائين موٽر وي تي ڪراچي کان لاڙڪاڻو ويندڙ مسافر بس تيز رفتاري سبب ٽرڪ سان ٽڪرائي وئي.

حادثي جي نتيجي ۾ 2 مسافر ٿڌي تي فوت ٿي ويا، عورتن ۽ ٻارن سميت 8 ڄڻا زخمي ٿي ويا، فوت ٿيندڙن ۾ ڪوچ جو ڪلينر ۽ ٽرڪ ڊرائيور شامل آهن.

مزید خبریں

مقبول ترین خبریں