ڊاڪٽر وردہ مشتاق قتل ڪيس جو مک جوابدار مبينا پوليس مقابلي ۾ مارجي ويو

فہرستِ مضامین

ايبٽ آباد : ڊاڪٽر وردہ مشتاق ھاءِ پروفائل قتل ڪيس جو مک جوابدار شمريز ٿنڊياني ويجھو مبينا  پوليس مقابلي ۾ مارجي ويو.

پوليس ذريعن ٻڌايو آھي تہ مک جوابدار شمريز جو لاش ڊسٽرڪٽ ھيڊڪوارٽرز اسپتال منتقل ڪيو ويو آھي، ٿنڊياني ڪنڊلا جي علائقي ۾ ھٿياربندن خلاف ٽارگيٽڊ ڪارروائي وئي، مقابلي دوران گرفتاري ۾ مزاحمت تي شمريز موقعي تي مارجي ويو.

پوليس ذريعن موجب شمريز ھڪ خطرناڪ جوابدار ھو جيڪو ھلندڙ مھيني ۾ ڊاڪٽر وردہ جي اغوا ۽ بي رحماڻي قتل بعد گرفتاري کان بچندو رھيو.

ڊاڪٽر وردہ جيڪا ڊي ايڇ ڪيو اسپتال ۾ ميڊيڪل آفيسر ھئي، ان کي اغوا ڪري قتل بيدرديءَ سان قتل ڪيو ويو ھو، جنھن تي سموري خيبرپختونخوا ۾ عوام پاران ڪاوڙ جو اظھار ڪيو ويو.

واقعي بعد ڪيترن ئي جوابدارن کي گرفتار ڪيو ويو ھو پر مک جوابدار شمريز روپوش ھو، جنھن سبب پوليس ڪارروايون تيز ڪيون ھيون.

صوبائي حڪومت شفاف ۽ جامع جاچ کي يقيني بڻائڻ لاءِ ھڪ اعليٰ سطحي گڏيل جي آ ءِ ٽي بہ جوڙي ھئي.

آچر جي رات پوليس لائينز ۾ هنگامي پريس ڪانفرنس ۾ خطاب ڪندي ڊي پي او ايبٽ آباد هارون الرشيد چيو تہ شمريز پوليس مقابلي دوران مارجي ويو آھي، جڏھن تہ ان جا ٻہ ساٿي ٿنڊياني جي جھنگ ۾ فرار ٿي ويا

ڊي پي او چيو تہ پوليس کي اطلاع مليو ھو تہ ڊاڪٽر وردہ ڪيس جو مک ۽ فرار جوابدار پنهنجي ساٿين سان گڏ  ٿنڊياني ڪنڊ ۾ موجود آهي، علائقي ۾ ڇاپو ھنيو  تہ جوابدارن فائرنگ شروع ڪري ڏني.

پوليس موجب فائرنگ جي ڏي وٺ ۾ شمريز مارجي ويو، جڏھن تہ فرار ٿيل جوابدارن جي گرفتاري لاءِ آپريشن جاري آھي.

ڊي پي او وڌيڪ چيو تہ شمريز جو لاش ايوب ميڊيڪل ڪامپليڪس منتقل ڪئي وئي، ڊي پي او هارون الرشيد موجب مک جوابدار شمريز جي گرفتاري پوليس لاءِ هڪ وڏو چئلينج بڻيل ھئي………..

مزید خبریں

مقبول ترین خبریں