ميرپورخاص جي دھشتگردي جي انت واري عدالت ڊاڪٽر شاھنواز قتل ڪيس ۾ سيڪشن 23 اي 97 تي شاھدن جا بيان مڪمل ٿيڻ بعد فيصلو محفوظ ڪري ورتو آھي.
پوليس جي تحويل ۾ قتل ٿيل ڊاڪٽر شاهنواز ڪنڀر قتل ڪيس جي ٻڌڻي دهشتگردي جي انت واري عدالت ميرپور خاص ۾ ٿي.
ٻڌڻي دوران گرفتار 6 جوابدارن اڳوڻي سب انسپيڪٽر سي آء اي ھدايت الله ناريجو، ڪانسٽيبل نادر، ڪانسٽيبل غلام قادر، ڪانسٽيبل فرمان، ڪانسٽيبل عطا الله، الله جڙيو کي عدالت ۾ پيش ڪيو ويو.
ڪيس ۾ نامزد 23 جوابدارن مان 12 ڄڻا عبوري ضمانتن تي آھن، جن ۾ پير عمر جان سرھندي، اڳوڻو ايس ايس عمرڪوٽ آصف رضا بلوچ، اڳوڻو سي آء اي انچارج عنايت زرداري، اڳوڻو ايس ايچ او سنڌڙي نياز احمد کھوسو شامل آھن.
اڳوڻو ڊي آء بي انچارج دانش ڀٽي، اڳوڻو ميڊيڪل آفيسر سول اسپتال ڊاڪٽر منتظر مھدي، ڪانسٽيبل امان الله، ڪانسٽيبل معشوق، ڪانسٽيبل شاھ محمد، ڪانسٽيبل نواب علي، ڪانسٽيبل عارف علي ۽ ڪانسٽيبل نديم احمد عبوري ضمانت تي آھن.
ان کانسواء عدالت، مسلسل پيش نه ٿيندڙ 5 اشتهاري ڏوھارين ۾ اڳوڻو ڊي آء جي ميرپورخاص جاويد سونھارو جسڪاڻي، اڳوڻي ايس ايس پي ميرپورخاص چوڌري اسد علي، ڪانسٽيبل لکمير، اڳواڻي ايس ايس عمرڪوٽ جو ريڊر سب انسپيڪٽر عبدالستار سمون، ڪانسٽيبل محمد صديق خلاف ايف آء اي جي انويسٽيگيشن آفيسر راشد ڀٽي کي سيڪشن 87 تحت ڪارروائي ڪندي سندن ملڪيتون ضبط ڪرڻ ۽ انهن جا تفصيل وٺڻ لاء لڳاپيل کاتن کي ليٽر لکڻ جو حڪم ڏنو.
ان ڏس ۾ عدالت ٻاھران ڳالھائيندي ڊاڪٽر شاھنواز ڪيس ۾ فريادي ڌر جي ايڊووڪيٽ اعجاز هاليپوٽو چيو ته دهشتگردي ايڪٽ 23 اي 1997 تي سموري ڌرين جا دليل مڪمل ٿيڻ کانپوء عدالت فيصلو محفوظ ڪري ورتو آهي جيڪو ايندڙ ٻڌڻي جي ٻڌايو ويندو.
عدالت ٻاهران ڳالهائيندي جوابدار ڌر جي وڪيل ايڊووڪيٽ ظاهر شاه چيو تہ سيڪشن 23 اي تحت هي ڪيس دهشتگري جي انت واري عدالت جو نٿو ٿئي، انڪري هي ڪيس سيشن ڪورٽ منتقل ٿيڻ گهرجي.
عدالت ڌرين جا دليل ٻڌڻ بعد فيصلو ۾محفوظ ڪندي ٻڌڻي 23 آڪٽوبر تائين ملتوي ڪري ڇڏي .