ڊاڪٽر شاهنواز ڪنڀر قتل ڪيس ۾  ايف آءِ اي جي ايف آءِ ار برقرار رکڻ جو حڪم، پوليس جي ايف آءِ آر ختم؟

فہرستِ مضامین

رپورٽ: امجد خاصخيلي

ميرپورخاص جي دھشتگردي ٽوڙ عدالت ڊاڪٽر شاھنواز ڪنڀر قتل ڪيس جي سنڌڙي ٿاڻي تي داخل ڪرايل ايف آءِ آر ختم ڪندي ايف آءِ اي پاران داخل ڪرايل ايف آءِ آر کي برقرار رکڻ جو فيصلو ٻڌايو آھي.

عدالت قتل ڪيس ۾ روپوش قرار ڏنل اڳوڻي ڊي آءِ جي جاويد سونھارو جسڪاڻي، اڳوڻي ايس ايس پي چوڌري اسد علي، ڪانسٽيبل لکمير، اڳواڻي ايس ايس پي عمرڪوٽ رضا بلوچ جي ريڊر سب انسپيڪٽر عبدالستار سمون ۽ ڪانسٽيبل محمد صديق جا گرفتاري وارنٽ جاري ڪرڻ جو حڪم بھ ڏنو.

پوليس واقعي جي ڌار ايف آءِ آر داخل ڪئي هئي

توھين مذھب جي الزام ھيٺ ڊاڪٽر شاھنواز ڪنڀر جي گرفتاريءَ بعد پوليس حراست ۾ قتل خلاف فريادي ڌر پاران سنڌڙي ٿاڻي تي ايف آءِ آر داخل ڪرائي وئي ھئي، بعد ۾ سنڌ ھاءِ ڪورٽ جي حڪم تي ايف آءِ اي بھ ھاءِ پروفائيل واقعي جي جاچ شروع ڪندي واقعي جي ڌار ايف آءِ آر داخل ڪئي ھئي.

قتل ڪيس جي ٻڌڻي دوران ٻنھي ڌرين جا وڪيل پيش ٿيا، عدالت ڊاڪٽر شاھنواز قتل ڪيس جي سنڌڙي ٿاڻي تي داخل ڪيل ايف آءِ آر نمبر 47 کي ختم ڪري، ايف آءِ اي پاران داخل ڪيل ايف آءِ آر نمبر 21 کي برقرار رکڻ جو فيصلو ٻڌايو.

عدالت پاران ڪيس جي وڌيڪ ٻڌڻي 13 آگسٽ تائين ملتوي ڪئي وئي، ڊاڪٽر شاھنواز قتل ڪيس جي فريادي ايڊووڪيٽ ابراھيم ڪنڀر عدالت ٻاھران ڊبليو ٽي اين سان ڳالھائيندي چيو تھ عدالت سٺو فيصلو ٻڌايو آھي.

جوابدارن جون ضمانتون رد ٿي ويون

ھن چيو تھ ڊاڪٽر شاھنواز قتل ڪيس ۾ جن جوابدارن رڳو سنڌڙي ٿاڻي تي داخل ڪيل ايف آءِ آر تحت گرفتاريءَ کان اڳ واريون ضمانتون ڪرايون ھيون، اھي بھ رد سمجھيون وينديون.

جوابدار ڌر جي وڪيل ڪامران ڀٽي چيو تھ اسان جو موقف ھو تھ سنڌڙي ٿاڻي تي داخل ٿيل ايف آءِ آر نمبر 47 برقرار رھي، پر عدالت ان کي ختم ڪري ايف آءِ اي جي  ايف آءِ آر کي برقرار رکيو آھي. ھن چيو تھ  تفصيلي آرڊر اچڻ کانپوءِ وڌيڪ موقف ڏينداسين.

ڪيس جي 70 سيڪڙو جاچ پوليس ڪئي آھي

قتل ڪيس جي جاچ آفيسر ڊي ايس پي اسلم جاگيراڻي ڊبليو ٽي اين سان ڳالھائيندي چيو تھ ھن ڪيس جي 70 سيڪڙو جاچ پوليس ڪئي آھي، ان ڪري اھا جاچ رپورٽ برقرار رھندي، ڪيس ھلندو تھ اسان بھ شاھدين دوران ان ڪيس جو حصو ھونداسين.

ايف آءِ اي ڊي آءِ جي، ايس ايس پيز ۽ ٻين جوابدارن کي نامزد ڪيو هو

پوليس توڙي ايف آءِ اي جي ايف آءِ آر ۾ اڳوڻي ڊي آءِ جي ميرپورخاص جاويد جسڪاڻي، اڳوڻي ايس ايس پي ميرپورخاص اسد چوڌري ۽ اڳوڻي ايس ايس پي عمرڪوٽ آصف رضا بلوچ کي جوابدار نامزد ڪيو ويو آھي.

ايف آءِ آرز ۾ اڳوڻي انچارج سي آءِ اي عنايت زرداري، اڳوڻي ايس ايڇ او سنڌڙي نياز کوسو ۽ پير عمر جان سرھندي سميت 23 ڄڻن کي جوابدار نامزد ڪيو ويو آھي.

ايف آءِ اي پاران فيبروري ڌاري عدالت ۾ جمع ڪرايل قتل ڪيس جي حتمي چالان ۾ اھا دعويٰ ڪئي وئي ھئي تھ ڊاڪٽر شاھنواز ڪنڀر کي گوليون ھڻي قتل ڪرڻ ۾ سي آءِ اي پوليس جي ٻن اھلڪارن نادر پرويز ۽ غلام قادر جا سرڪاري ھٿيار استعمال ٿيا ھئا.

ايف آءِ اي جي چالان ۾ اھو بھ چيو ويو ھو تھ اڳوڻو ڊي آءِ جي جاويد جسڪاڻي اڳوڻي ايس ايس پي اسد علي چوڌري سان ۽ اڳوڻو ايس ايس پي آصف رضا بلوچ وري مولوي عمر جان سرھندي سان فون تي رابطي ۾ ھو.

توھين مذھب جي الزام ھيٺ آيل ڊاڪٽر شاھنواز ڪنڀر کي 9 سيپٽمبر 2024 تي پوليس پاران ڪوڙو مقابلو ڄاڻائي قتل ڪيو ھو، پوليس پاران وارثن حوالي ڪيل لاش کي مڇريل ماڻھن باھھ ڏئي ساڙي ڇڏيو ھو.

22 سيپٽمبر تي وڏي وزير مراد علي شاھ ان وقت جي ڊي آءِ جي ميرپورخاص جاويد جسڪاڻي ۽ ان وقت جي ايس ايس پي ميرپورخاص اسد چوڌري کي معطل ڪرڻ جو اعلان ڪيو ھو، بعد ۾ ٻين آفيسرز کي بھ معطل ڪيو ويو.

26 سيپٽمبر تي سنڌ جي گھرو وزير ضياءَ لنجار پريس ڪانفرنس دوران اعلان ڪيو ھو تھ ڊاڪٽر شاھنواز ڪنڀر کي قتل ڪرڻ وارو پوليس جو مقابلو جعلي ھو.

مزید خبریں

مقبول ترین خبریں