ڇا آءِ ايم ايف جي مطالبي تي گردشي قرض گهٽائڻ لاءِ ٻارڻ جي وڌندڙ اگهن جو بار بہ عوام تي وڌو ويندو؟

فہرستِ مضامین

اسلام آباد (مانيٽرنگ ڊيسڪ): پاڪستان ۾ وڌندڙ قرضن ۽ توانائي شعبي جي گردشي قرضن تي آءِ ايم ايف ڳڻتي ظاهر ڪري ڇڏي آهي. پاڪستان جي دوري تي آيل آءِ ايم ايف مشن مالي استحڪام لاءِ مسلسل قدم کڻڻ ۽ گردشي قرضن کي قابو ڪرڻ تي زور ڏنو آهي، جڏھن تہ پاڪستاني اختيارين سڌارن جو عمل جاري رکڻ ۽ ٻارڻ جي وڌندڙ قيمتن جو بار عوام تائين منتقل ڪرڻ جي خاطري ڪرائي آهي.

عالمي مالياتي فنڊ آءِ ايم ايف پاڪستان کان مالي استحڪام آڻڻ ۽ وڌندڙ گردشي قرض گهٽائڻ لاءِ مسلسل قدم کڻڻ جو مطالبو ڪيو آهي.

پاڪستان جي دوري تي آيل آءِ ايم ايف مشن پاڪستاني اختيارين تي زور ڏنو تہ مالي استحڪام لاءِ ڊگهي مدي وارا قدم جاري رکيا وڃن ۽ توانائي شعبي ۾ وڌندڙ گردشي قرضن کي قابو ۾ آندو وڃي.

آءِ ايم ايف طرفان پيٽروليم ليوي ۾ گهٽتائي جي تجويز جي صورت ۾ متبادل ذريعن ذريعي آمدني حاصل ڪرڻ جا طريقا ڳولڻ تي پڻ زور ڏنو ويو.

ٻئي طرف پاڪستاني اختيارين آءِ ايم ايف کي خاطري ڪرائي آهي تہ خليجي جنگ شروع ٿيڻ باوجود ڍانچياتي سڌارن جو عمل جاري رکيو ويندو.

اختيارين موجب ٻارڻ جي قيمتن ۾ واڌ جو بار عوام ڏانهن منتقل ڪيو ويندو، جڏھن تہ معاشري جي ڪمزور طبقن لاءِ ٽارگيٽڊ سبسڊيز پڻ متعارف ڪرائي وئي آهي.

مزید خبریں

مقبول ترین خبریں