ڇاپو يا گرفتاري؟ پوليس جا 25 آفيسر اداڪار عامر خان گهر ۾ داخل

فہرستِ مضامین

ڀارت جي عالمي شهرت يافته اداڪار عامر خان جي گهر اوچتو 25 پوليس آفيسرن جي پُراسرار انداز ۾ آمد مداحن کي ڳڻتي ۾ وجهي ڇڏيو آهي.

ڀارتي ميڊيا جي رپورٽ موجب اداڪار عامر خان جي باندرا واري علائقي ۾ واقع گهر تي اوچتو 25 جي لڳ ڀڳ انسپيڪٽر جنرل آف پوليس جي آفيسرن جي ٽيم پهچي وئي آهي.

سوشل ميڊيا تي وائرل ٿيل وڊيوز ۾ ڏسي سگهجي ٿو ته پوليس آفيسرن کي ورديون پاتل آهن ۽ هو سرڪاري گاڏين تي اداڪار جي گهر پهچن ٿا.

عامر خان جي گهر ڏانهن ويندڙ رستا سيل

ڀارتي ميڊيا جي رپورٽ موجب پوليس آفيسرن جي آمد کان اڳ اداڪار عامر خان جي گهر ٻاهران سيڪيورٽي جا غير معمولي انتظام نظر آيا، پاڙيسري اهڙا انتظام ڏسي پريشان ٿيا، جڏهن ته عام شهرين لاءِ عامر خان جي گهر ڏانهن ويندڙ رستن تان گذرڻ تي پابندي هنئي وئي.

ڀارت جي مقامي توڙي عالمي ميڊيا سان واڳيل رپورٽرز کي به اداڪار جي گهر کان پري رکيو ويو، پوليس آفيسرن جي عامر خان جي گهر آمد کي مڪمل طور تي ڳجهو رکيو ويو هو.

واقعي جي پراسراريت ۽ مداحن کي ڳڻتي

واقعي جي پراسراريت مداحن توڙي ميڊيا ۾ ڳڻتي پيدا ڪري ڇڏي، جنهن کانپوءِ ميڊيائي ادارا توڙي سوشل ميڊيا تي سرگرم ماڻهن مختلف قسمن جا تبصرا  شروع ڪيا، جنهن سبب عامر خان جي مداحن کي ڳڻتي ورائي وئي.

عامر خان جي گهر تي پوليس آفيسرن جي آمد جي وڊيوز تي مختلف ۽ ڊيڄاريندڙ قسم جي تبصرن معاملي کي وڌيڪ سنگين بڻايو ۽ ماڻهن کي اِن مسئلي تي ڳالهائڻ تي مجبور ڪيو

سوشل ميڊيا تي وائرل وڊيوز تي ڪجهه ماڻهن تبصرا ڪيا ته اداڪار عامر خان کي ڪجهه عرصي کان ڌمڪيون ملي رهيون هيون، جنهن جي ڪري لڳي ٿو ته سيڪيورٽي جا انتظام وڌايا  ويا آهن يا پوليس کي ڪجهه مليو آهي، جنهن جي جاچ عامر خان کان ڪئي پئي وڃي، ڪجهه ماڻهن تبصرا ڪيا ته عامر خان فلم جي شوٽنگ جي حوالي سان ٿي سگهي ٿو ڪجهه ڪندو هجي، ڪي ته اهڙا مداح به هئا، جن اِن سڄي معاملي کي به شڪي بڻايو ۽ تبصرا ڪيا ته هيءَ پوليس آفيسر فرضي آهن، عامر خان جي فلم اِنهن ماڻهن کي رول مليو هوندو.

پوليس آفيسر ڇو آيا؟ مقصد ڇا هو؟

عامر خان جي سوشل ميڊيا ٽيم جڏهن اهڙن تبصرن تي جواب ڏنو ته سڀ خاموش ۽ حيران ٿي ويا، ذريعن موجب عامر خان جي ٽيم وضاحت ڪئي ته اِها پوليس ٽيم خير سگالي دوري تي آئي هئي، جنهن جو مقصد عامر خان جي فلم “سرفروش” 1999 ۾ سندس ڪردار جي مقبوليت جو اعتراف ڪرڻ هو.

اِن فلم ۾ عامر خان هڪ ايماندار آئي پي ايس آفيسر جو ڪردار ادا ڪيو هو، پوليس فلم جا 25 سال مڪمل ٿيڻ تي عامر خان جي خدمتن جي واکاڻ ڪرڻ توڙي احترام جي اظهار لاءِ اداڪار جي گهر پهتي هئي.

مزید خبریں

مقبول ترین خبریں