چين پاران ايران تي حملن جي مذمت، اسرائيل ۽ آمريڪا کان جنگ بند ڪرڻ جو مطالبو

فہرستِ مضامین

چين ايران خلاف طاقت جي انڌي استعمال جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪندي ايران خلاف فوجي آپريشن فوري طور بند ڪرڻ جو مطالبو ڪيو آھي.

چيني پرڏيهي وزارت جي ترجمان پاران جاري ڪيل بيان ۾ چيو ويو آهي تہ چين خطي ۾ امن جي قيام لاءِ پنهنجو تعميري ڪردار ادا ڪندو رھندو، طاقت جو انڌو استعمال ڪنهن به صورت ۾ قبول  نہ آھي.

چيني پرڏيهي وزارت جي ترجمان چيو تہ ايران خلاف جاري فوجي ڪارروايون فوري طور بند ڪيون وڃن، چين کي ڳڻتي آهي تہ هي جنگ پاڙيسري ملڪن تائين پکڙجي سگهي ٿي، جنهن سان عالمي امن کي خطرو آهي.

سلامتي ڪائونسل ۾ ڪردار تي ڳالھائيندي چين پرڏيھي وزير چيو تہ چين سلامتي ڪائونسل ۾ انصاف جي بالادستي، امن لاءِ جاکوڙ ۽ جنگ کي روڪڻ لاءِ پنهنجي ڪوششن کي جاري رکندو.

ايران جي ايٽمي پروگرام جي حمايت ڪندي چين چيو تہ ايران جي “پُرامن مقصدن” لاءِ ايٽمي توانائي استعمال ڪرڻ جي حق کي تسليم ڪيو آهي، ايراني جوھري مسئلي جو واحد حل سياسي ۽ سفارتي ڳالهين ۾ ئي آهي.

چين سمورن ڌرين تي زور ڀريو آهي تہ اھي فوجي آپريشن بند ڪن ۽ جنگ کي وڌيڪ پکڙجڻ کان روڪڻ لاءِ تحمل جو مظاهرو ڪن.

مزید خبریں

مقبول ترین خبریں