واشنگٽن ( ڊبليو ٽي اين مانيٽرنگ ) چيني شارٽ وڊيو شيئرنگ ايپليڪيشن جي آمريڪي سروسز يا ڪنھن آمريڪي فرم ڪمپني کي وڪرو ڪرڻ وارو مامرو طئي نہ ٿي سگھيو، ٽڪ ٽاڪ تي آمريڪا ۾ پابندي جي مھلت ختم ٿيڻ ۾ باقي ھڪ ھفتو رھجي ويو آھي.
ٽڪ ٽاڪ تي آمريڪا ۾ پابندي جو قانون گذريل سال منظور ڪيو ويو ھو، جنھن تحت ٽڪ ٽاڪ کي 20 جنوري 2025 تائين پنھنجي ملڪيت آمريڪي ھٿن ۾ منتقل ڪرڻي ھئي.
قانون موجب ٽڪ ٽاڪ پنھنجي چيني ملڪيت سان الڳ ھجي، ڇو تہ قانون سازن ۽ انٽيليجنس اختيارين جو چوڻ آھي تہ چيني حڪومت ھن ايپ جي ذريعي آمريڪي صارفين جي حساس ڊيٽا حاصل ڪري سگھندي يا پروپئگينڊا پکيڙي سگھندي.
ٽڪ ٽاڪ پنھنجي ان الزامن جي ترديد ڪئي آھي ۽ چيو تہ ھن ڊيٽا جي حفاظت لاءِ قدم کنيا آھن.
آمريڪا ۾ ٽڪ ٽاڪ خلاف قانون منظور
ڄاڻايل قانون تحت آمريڪي صدر کي اختيار حاصل آھي تہ اھو ايپليڪشن تي پابندي جو مدو 90 ڏينھن تائين رد ڪري پر ڊونلڊ ٽرمپ 3 ڀيرا ٽڪ ٽاڪ کي پابندي واري مدي ۾ واڌ ڏئي چڪو آھي.
ڊونلڊ ٽرمپ جون 2025 ۾ ٽڪ ٽاڪ تي پابندي جي مھلت وڌائي ھئي، جنھن تحت ٽڪ ٽاڪ کي وڪرو ڪرڻ جو مامرو 17 سيپٽمبر تائين طئي ٿيڻ لازمي آھي، ان کانپوءِ ايپ کي آمريڪا ۾ بند ڪيو ويندو پر آمريڪي صدر پابندي وارو مدي جي مھلت وڌائي بہ سگھي ٿو.
ٽرمپ چوٿون ڀيرو مدو وڌائڻ جو اشارو ڏنو
ڊونلڊ ٽرمپ اڳ ئي اشارو ڏئي چڪو آھي تہ اھو ٽڪ ٽاڪ تي پابندي جو مدو چوٿون ڀيرو وڌائي سگھي ٿو،وائٽ ھائوس موجب ٽڪ ٽاڪ جي آمريڪي سروسز کي خريدڻ لاءِ ڪيترين ئي ڪمپنين ۽ ماڻھن دلچسپي ظاھر ڪئي آھي پر اپيل جي وڪري بابت مامرا طئي ناھن ٿي سگھي، ٽڪ ٽاڪ تڏھن ئي وڪرو ٿي سگھي ٿو، جڏھن چيني حڪومت معاھدن جي منظوري ڏيندي.
ھيل تائين چيني حڪومت واضح طور تي ٽڪ ٽاڪ جي آمريڪي سروسز کي ڪنھن آمريڪي ڪمپني يا فرد کي وڪرو ڪرڻ واري معاھدي جي منظوري ڏيڻ يا نہ ڏيڻ جو ڪو فيصلو ناھي ڪيو.
ٽڪ ٽاڪ ڇا آھي؟
ٽڪ ٽاڪ چين پاران تيار ڪيل ھڪ شارٽ وڊيو ايپليڪشن آھي، جنھن ۾ صافين ٽن سيڪنڊز کان 10 منٽن تائين پنھنجي ڪا بہ وڊيو رکي سگھن ٿا.
ٽڪ ٽاڪ جو بنياد 20 سيپٽمبر2016 تي وڌو ويو، ھن وقت ھي ايپليڪشن 41 ٻولين ۾ مختلف ملڪن ۾ آپريٽ ٿي رھي آھي.