چيف جسٽس يحيٰ آفريدي پاران پرٽوڪول جون 9 گاڏيون گھٽائي رڳو 2 گاڏيون رکڻ جو اعلان

فہرستِ مضامین

رپورٽ: فيصل جمن/ اسلام آباد

سپريم ڪورٽ جي چيف جسٽس يحيٰ آفريدي چيو آھي ته عدالتي نظام ۾ سڌارا آندا پيا وڃن، سندس پرٽوڪول ۾ 9 گاڏيون ھونديون ھيون، ھن اھي گھٽائي 2 ڪري ڇڏيون آھن، ريڊ زون ۾ ججز  جو پروٽوڪول گھٽايو ويو آھي، ڇو ته اتي سڪيورٽي جي ايتري ضرورت ناھي ھوندي.

جوڊيشل ڪانفرنس ۾ خطاب ڪندي چيف جسٽس يحيٰ آفريدي چيو ته ٽيڪنالاجي جي مدد سان عدالتي نظام کي اثرائتو بڻايو پيو وڃي، ڪيسن کي اڪلائڻ ترجيح ھجڻ گھرجي، ھميشه قانون جي بالادستي لاءِ ڪم ڪيو، اڄ اعلان ڪريان ٿو ته اسان اندروني آڊٽ به ڪرائي آھي.

سندس چوڻ ھو ته نئين عدالتي سال جي تقريب منعقد ڪرڻ جي شروعات 1970ع کان ٿي، اھو ئي موقعو ھوندو آھي ته اسان پنھنجي ڪارڪردگي تي نظر وجھون.

چيف جسٽس چيو ته عھدو سنڀالڻ بعد سڌارن جي ضرورت محسوس ڪئي، چيف جسٽس طور سڌارن تي غور ڪيو، اسان 5 بنيادي سڌارا شروع ڪيا آھن.

جسٽس يحيٰ آفريدي چيو ته جديد ٽيڪنالاجي ذريعي سروس ڊليوري ۽ شفافيت کي اھميت ڏني، سپريم ڪورٽ جي 8 سيڪشنز مان ھر سيڪشن انصاف جي فراھمي کي ترجيح ڏني.

سندس چوڻ ھو ته 6 اجلاس گھرايا ويا، عدالتي سڌارن تي ڳالھيون ٿيون، ڊجيٽل ڪيس فائلنگ ۽ ڪيس ٽريڪنگ جھڙا قدم به کنيا ويا.

مزید خبریں

مقبول ترین خبریں