چيف آف ڊفينس فورسز عاصم منير کي سعودي عرب جي اعليٰ ترين قومي اعزاز سان نوازيو ويو

فہرستِ مضامین

راولپنڊي: چيف آف ڊفينس اسٽاف فيلڊ مارشل سيد عاصم منير کي سعودي عرب جو سڀ کان اعليٰ قومي اعزاز ڏنو ويو آهي۔

آءِ ايس پي آر موجب، چيف آف ڊفينس فورسز فيلڊ مارشل سيد عاصم منير سعودي عرب جي سرڪاري دوري دوران سعودي جي دفاع واري وزير شھزادہ خالد بن سلمان بد عبدالعزيز آل سعود سان ملاقات ڪئي.

اھم ملاقات دوران ٻنهي اڳواڻن گڏيل دلچسپي وارن معاملن تي تفصيلي ڳالهيون ڪيون، جن ۾ علائقائي سلامتي جي صورتحال، دفاعي ۽ فوجي سھڪار، حڪمتِ عملي ۾ ڀائيواري ۽ بدلجندڙ جغرافيائي چيلينجز شامل هئا، ان موقعي تي ٻنهي ملڪن جي تاريخي لاڳاپن جي تصديق ڪئي وئي۔

دوري دوران فيلڊ مارشل سيد عاصم منير کي سعودي عرب جو سڀ کان اعليٰ قومي اعزاز، ڪنگ عبدالعزيز ميڊل آف ايڪسي لينس ڏنو ويو۔

هي اعزاز فيلڊ مارشل سيد عاصم منير جي شاندار فوجي خدمتن ۽ قيادت جي اعتراف طور ڏنو ويو، ان موقعي تي پاڪستان ۽ سعودي عرب جي وچ ۾ دفاعي سھڪار، حڪمتِ عمليءَ ۾ هم آهنگي ۽ ادارن جي لاڳاپن کي مضبوط ڪرڻ ۾ انهن جي اهم ڪردار جي بہ ساراهہ ڪئي وئي۔

هي اعزاز فيلڊ مارشل سيد عاصم منير پاران علائقائي امن ۽ استحڪام لاءِ ڪيل خدمتن، خاص ڪري دهشتگردي خلاف جنگ ۽ سلامتي جي شعبي ۾ لڳاتار سھڪار کي پڻ تسليم ڪرڻ آهي۔

فيلڊ مارشل سيد عاصم منير هن اعزاز تي خادم الحرمين شريفين ۽ سعودي قيادت جا ٿورا مڃيندي چيو تہ اهو پاڪستان ۽ سعودي عرب جي مضبوط ۽ ڊگهي مدي وارن لاڳاپن جي عڪاسي ڪري ٿو، ھن سعودي عرب جي سلامتي، استحڪام ۽ خوشحالي لاءِ پاڪستاني عزم جو ورجاءُ ڪيو

ڪنگ عبدالعزيز ميڊل آف ايڪسي لينس ڏيڻ سان پاڪستان ۽ سعودي عرب جي لاڳاپا مضبوط ٿيڻ ۽ ٻنهي ملڪن ۾ علائقائي ۽ عالمي امن کي ھٿي ڏيڻ لاءِ حڪمت عمليءَ  واري سھڪار کي وڌيڪ مضبوط ڪرڻ جي گڏيل عزم کي اجاگر ڪيو ويو آهي……

مزید خبریں

مقبول ترین خبریں