چيئرمين جوائنٽ چيفس آف اسٽاف ڪميٽي جنرل ساحر شمشاد مرزا عھدي تان رٽائرڊ، الوداعي تقريب کي خطاب

فہرستِ مضامین

چيئرمين جوائنٽ چيفس آف اسٽاف ڪميٽي جنرل ساحر شمشاد مرزا عھدي تان رٽائرڊ ٿي ويو آھي.

27ھين ترميم تحت جنرل ساحر شمشاد مرزا جي رٽائرمينٽ بعد چيئرمين جوائنٽ چيفس آف اسٽاف ڪميٽي (سي جي سي ايس سي) جو عھدو بہ ختم ٿي ويو.

چيئرمين جوائنٽ چيفس آف اسٽاف ڪميٽي جنرل ساحر شمشاد مرزا 3 سال عھدي تي رھڻ بعد رٽائرڊ ٿيو، ھن پاڪ فوج ۾ 40 سال شاندار فوجي خدمتون سرانجام ڏنيون.

 جوائنٽ چيفس آف اسٽاف ڪميٽي انٽر سروسز فورم ھو، جيڪو ٽنھي ھٿياربند فوجن جي وچ ۾ سھڪار لاءِ ڪم ڪندو ھو، پارليامينٽ مان منظور ٿيل 27ھين ترميم بعد چيئرمين جوائنٽ چيفس آف اسٽاف ڪميٽي جو عھدو ختم ٿي ويو، ھاڻي آرمي چيف ئي چيف آف ڊفينس فورسز بہ ھوندو.

الوداعي خطاب

جنرل ساحر شمشاد مرزا جي اعزاز ۾ جوائنٽ اسٽاف ھيڊ ڪوارٽر ۾ الوداعي تقريب منعقد ڪئي وئي، تقريب کي خطاب ڪندي جنرل ساحر شمشاد مرزا چيو تہ دنيا جي تصوير تيزي تبديل ٿي رھي آھي، ان تبديلي سان اسان جي اندروني ۽ پرڏيھي آزمائشن تي بہ گھرا اثر پوندا.

ھن چيو تہ ان تبديلي جا اثر ھائبرڊ ڇڪتاڻ کان ويندي جنگ تائين ٿي سگھن ٿا، اھڙي صورتحال ۾ اسان جي فوج کي گڏيل سھڪارسان تيار رھڻو پوندو.

جنرل ساحر شمشاد مرزا چيو تہ ھٿياربند فوج ۾ ڀائيچاري، گڏيل حڪمت عملي ۽ سھڪار  کي اھم ضرورت سمجھان ٿو.

مزید خبریں

مقبول ترین خبریں