چالان کان بچڻ لاءِ جعلي نمبر پليٽس استعمال ڪندڙڻ خلاف وڏي پئماني تي ڪارروائي جو اعلان

فہرستِ مضامین

ڪراچي پوليس چيف جاويد عالم اوڍو جو چوڻ آھي تہ اطلاع آھن تہ چالان کان بچڻ لاءِ جعلي نمبر پليٽس جو استعمال شروع ٿي ويو آھي، شھر ۾ جعلي نمبر پليٽس خلاف وڏي پئماني تي مھم شروع ڪري رھيا آھيون.

سي پي ايل سي چيف ۽ ڊي آءِ جي ٽريفڪ سان گڏ پريس ڪانفرنس ڪندي ڪراچي پوليس چيف جاويد عالم اوڍو چيو تہ جڏھن کان ايِ چالان شروع ٿيو آھي ٽريفڪ جي نظام ۾ بھتري آئي آھي ۽ ھيل تائين تقريبن ھڪ لک چالان ٿي چڪا آھن.

ايڊيشنل آءِ جي ڪراچي چيو تہ چالان کان بچڻ لاءِ جعلي نمبر پليٽ جو استعمال شروع ٿي ويو آھي، جعلي نمبر پليٽس جي استعمال خلاف 19 ڊسمبر کان وڏي مھم شروع ڪري رھيا آھيون، ان مھم ۾ ايڪسائز کاتو بہ اسان سان گڏ ھوندو.

ايڊيشنل اءِ جي جاويد عالم اوڍو چيو تہ اھم شاھراھن تي ايڪسائز جو عملو مقرر ھوندو، ٽيمپرڊ نمبر پليٽ تي گاڏي بند ڪئي ويندي ۽ ڪيس بہ داخل ڪيو ويندو……….

مزید خبریں

مقبول ترین خبریں