اسلام آباد ( رپورٽ: فيصل جمن ڪنڀر ) قانون واري وفاقي وزير سينيٽر اعظم نذير تارڙ چيو آھي تہ وفاقي حڪومت سيشن عدالتن ۾ ڪيسز جي فيصلي لاءِ ٽائم لائن مقرر ڪرڻ جو فيصلو ڪري ورتو آھي، چالان جمع ٿيڻ کانپوءِ ھڪ سال اندر ڪيس جو فيصلو ڪرڻو پوندو.
اسلام آباد ۾ گھرو مامرن بابت قومي اسيمبليءَ جي ڪميٽيءَ جو اجلاس چيئرمين خرم نواز جي صدارت ھيٺ شروع ٿيو، جنھن ۾ ڪوڊ آف ڪريمنل ترميمي بل 2025 تي بحث ڪيو ويو، اجلاس ۾ قانون واري وفاقي وزير سينيٽر اعظم نذير تارڙ ۽ گھرو مامرن واري مملڪتي وزير طلال چوڌري ۽ ڪميٽيءَ جي ميمبرن شرڪت ڪئي، ان کان علاوہ اي اين ايف جي عملدارن کاتي جي ڪارڪردگي بابت بريفنگ ڏني.
اجلاس کي آگاھي ڏيندي قانون واري وفاقي وزير سينيٽر اعظم نذير تارڙ چيو تہ پاڪستان ۾ ڪيس داخل ڪرڻ جو مطلب گرفتاري آھي پر دنيا ۾ اھڙو ڪو بہ طريقيڪار نہ آھي، ڪيس کانپوءِ جاچ ڪرڻي پوندي آھي، بيگناھ شخص خلاف جيڪڏھن ڪيس داخل ٿي وڃي تہ ان مان نڪرڻ وڏو مسئلو آھي.
ھاءِ ڪورٽس کي نگراني جو رول ڏنو ويو آھي
قانون واري وزير جو چوڻ ھو تہ ٽرائل اندر التويٰ جو مامرو آھي، اسان سيشن عدالتن ۾ ڪيس جي فيصلي لاءِ ٽائم لائن مقرر ڪرڻ وڃي رھيا آھيون،چالان جمع ٿيڻ کانپوءِ ھڪ سال ۾ فيصلو ڪرڻو پوندو، ان حوالي سان ھاءِ ڪورٽس کي نگراني جو رول ڏنو ويو آھي.
سنڌ ۾ ايس ايس پي جي اجازت کانسواءِ ڪيس داخل نٿو ٿئي
پيپلزپارٽي ايم اين اي ۽ ڪميٽيءَ جي ميمبر نبيل گبول چيو تہ سنڌ ۾ ايس ايس پي جي اجازت کانسواءِ ايف آءِ آر داخل ناھي ٿيندي، اسان حڪومت ۾ بل ٺاھيندا آھيون ۽ بعد ۾ پاڻ ئي رڳڙي ۾ اچي ويندا آھيون.
ان تي قانون واري وزير اعظم نذير تارڙ چيو تہ پارليامينٽ جو ڪم ئي قانونسازي آھي، اسان گيس بجلي يا ناليون ٺاھڻ تہ ناھيون آيا، اسان جو ڪم ئي قانونسازي آھي، جيڪا ڪرڻ گھرجي.
پيپلزپارٽي اڳواڻ عبدالقادر پٽيل چيو تہ ڊاڪٽر عاصم ڪيس سڀني جي آڏو آھي، اھو ڪيترائي سال جيل ۾ رھيو، 8 سالن کانپوءِ چيو ويو تہ ثبوت نہ آھن،غلط ڪيس داخل ڪرڻ ۽ غلط جاچ ڪندڙن جو بہ احتساب ٿيڻ گھرجي.
گھريلو تشدد بابت بل تي دلچسپ بحث
اجلاس ۾ پيپلزپارٽي اڳواڻ شرميلا فاروقي ڊومسٽڪ وائلنس بل 2025 جي حوالي سان بل پيش ڪيو، جنھن تي آغا رفيع اللہ چيو تہ بل ۾ وومن پرسن جو ذڪر آھي، مردن تي بہ گھريلو تشدد ٿيندو آھي، شرميلا فاروقي مردن جو بل ۾ ذڪر ناھي ڪيو، جنھن تي عورت ميمبر نوشين چيو تہ ھن بل ۾ شھري جو ذڪر ھئڻ گھرجي.
ڪميٽي ميمبرن آغا رفيع اللہ، عبدالقادر پٽيل ۽ ڪميٽيءَ جي چيئرمين خرم نواز مردن جو نالو بل ۾ شامل ڪرڻ جي حمايت ڪئي.
اَي اين ايف جي بريفنگ
اَي اين ايف اختيارين اجلاس کي بريفنگ ڏيندي چيو تہ اينٽي نارڪوٽس فورس 1955 کان ڪم ڪري رھي آھي، ملڪ جي 24 ضلعن ۾ سندن آفيسون آھن، 33 پوليس اسٽيشنز بہ ڪم ڪري رھيون آھن.