ڄامشوري ويجھو ڪوٽڙي –ٺٽو روڊ تي تيز رفتار ڊمپر ۽ ڪار ۾ ٽڪر لڳڻ سبب عورتن ۽ ٻارن سميت 8 ڄڻا فوت ٿي ويا آھن.
حيدرآباد کان ٺٽي ويندڙ تيز رفتار ڪار ڊمپر سان ٽڪرائجي وئي، فوتين ۾ 3 نينگريون، 2 نينگر، ھڪ عورت ۽ 2 مرد شامل آھن.
پوليس موجب متاثر خاندان حيدرآباد جي علائقي لطيف آباد واسي آھي، جيڪي حيدرآباد کان ٺٽي وڃي رھيا ھئا تہ حادثو پيش آيو.
پوليس موجب ڪار مڪمل طور تباھ ٿي وئي، جنھن سبب گاڏي ۾ ڦاٿل لاش ڪڍڻ ۾ ڏکيائيون آيون، مقامي ماڻھن جي مدد سان ڪار کي ڪٽي لاش ڪڍيا ويا.
حادثي کانپوءِ فوتين جا لاش مقامي اسپتال منتقل ڪيا ويا جتان ضروري ڪارروائي کانپوءِ مڙھ وارثن حوالي ڪيا ويا .
ڊپٽي ڪمشنر ڄامشورو جو چوڻ آھي آھي تہ ڪار ۾ ٻارڙن سميت 10 ڄڻا سوار ھئا، جن مان 8 ڄڻا فوت ٿيا آھن ۽ 2 ڄڻا زخمي ٿيا آھن….