ڄامشورو: لاکڙا ڪول مائنز جي کاڻ ۾ زهريلي گئس ڀرجڻ سبب 3 پورھيت فوت

فہرستِ مضامین

ڄامشورو ڀرسان لاکڙا ڪول مائنز جي کاڻ ۾ گئس ڀرجڻ سبب 3 پورھيت فوت ٿي ويا ، لاکڙا ڪول مائنز جي بلوچستان ڪول ڪمپني ۾ انتظاميا جي لاپرواھي سبب زھريلي گئس ڀرجڻ سبب ڪي پي ڪي واسي 3 پورھيت فوت ٿي ويا.

فوت ٿي ويلن ۾ شوڪت پٺاڻ، ڪامران پٺاڻ ۽ سراج پٺاڻ شامل آھن، جن کي ساٿي پورھيتن فوري طور تي کاڻ مان ڪڍي اسپتال منتقل ڪيو.

ياد رھي تہ لاکڙا ڪول مائنز جي ڪمپنين ۾ حادثا روز جو معمول بڻيل آهن، جنھن سبب اڄ وڌيڪ 3 پورھيت فوت ٿي ويا آهن.

مزید خبریں

مقبول ترین خبریں