ڀارت 5 آگسٽ تي اسان جو ڊيٿ وارنٽ جاري ڪيو: ڪشميري اڳواڻ مشعال ملڪ

فہرستِ مضامین

ڪراچي (رپورٽ: عرفان عالماڻي) ڪشميري اڳواڻ مشعال ملڪ چيو آھي ته ڀارت 5 آگسٽ 2019 تي ڪشميرين جو ڊيٿ وارنٽ جاري ڪيو ھو، سندس مڙس ياسين ملڪ کي ڦاھي ڏيڻ جي سازش ڪئي پئي وڃي.

مشعال ملڪ اھڙو اظھار ڪراچي جي دوري دوران مزار قائد تي حاضري بعد ميڊيا سان ڳالھه ٻولھه ڪندي ۽ ڪراچي يونيورسٽي ۾ يوم استحصال ڪشمير جي تقريب کي خطاب دوران ڪيو.

مشعال ملڪ والاريل ڪشمير تي ڀارتي قبضي خلاف جاکوڙ ڪندڙ حريت پسند اڳواڻ ياسين ملڪ جي گھر واري آھي، مشعال ملڪ پنھنجي نياڻي سان گڏ قائداعظم جي مزار تي حاضري ڀري ۽ گلن جي چادر چاڙھي.

مزار قائد تي حاضري ڀرڻ بعد مشعال ملڪ چيو ته قائداعظم ڪشمير کي پاڪستان جي شاھ رڳ قرار ڏنو ھو، اسان ڪشميرين کي خبر آھي تھ آزاديءَ جي قيمت ڇا ھوندي آھي.

مشعال ملڪ چيو ته 5 آگسٽ 2019 تي ڀارت ڪشميرين جو ڊيٿ وارنٽ جاري ڪندي ڪشمير جي رياستي حيثيت ختم ڪئي، نريندر مودي 50 لک ڀارتين کي ڪشمير جو ڊوميسائيل ٺاھي ڏئي رھيو آھي.

بابا آزادي لاءِ پاڻ کي قربان ڪري ڇڏيو

ان موقعي تي ياسين ملڪ ۽ مشعال ملڪ جي ڌيءَ رضيھ سلطان بھ ميڊيا سان ڳالھائيندي چيو ته منھنجي بابا ڪشمير جي آزاديءَ لاءِ سڀ ڪجھھ قربان ڪري ڇڏيو، پنھنجي پيءُ سان 11 سالن کان نھ ڏٺو آھي.

ياسين ملڪ جي نياڻي رضيھ چيو ته اسان جي گڏيل قربانين سان ڪشمير ھڪ ڏينھن ضرور آزاد ٿيندو.

مشعال ملڪ چيو تھ معرڪھ حق ۾ ڀارت خلاف پاڪستان کي ڪاميابي ملي، پاڪستان ۾ ٿيندڙ دھشتگردي ۾ ڀارت جو ھٿ آھي، فيلڊ مارشل عاصم منير ايران اسرائيل وچ ۾ جنگبندي ڪرائڻ ۾ بھ اھم ڪردار ڪيو.

مشعال ملڪ ۽ سندس نياڻي رضيه ڪراچي يونيورسٽي پھچي ڪشميرين سان يڪجھتي جي اظھار لاءِ منعقد ڪيل تقريب ۾ بھ شرڪت ڪئي.

اندازو نه ھو ته ياسين ملڪ جي زال بڻجي وينديس

تقريب کي خطاب ڪندي مشعال ملڪ چيو تھ ڪنھن وقت مان بھ ھڪ شاگردياڻي ھيس، ڪشميرين تي ٿيندڙ ظلم ۽ ڍاڍ ننڍپڻ کان ڏسندي رھي آھيان.

مشعال ملڪ چيو تھ ياسين ملڪ ڪشميرين جي آزاديءَ واري تحريڪ جو ھيرو آھي، جڏھن مون ھن کان پھريون ڀيرو آٽو گراف ورتو ھو تھ ان وقت اندازو نھ ھو تھ ھڪ ڏينھن مان ھن جي زال بڻجي وينديس.

مشعال ملڪ چيو تھ ياسين ملڪ پنھنجي سموري زندگي ڪشمير لاءِ وقف ڪري ڇڏي، مودي سرڪار کيس ڦاھي ڏيارڻ جي سازش ڪري رھي آھي، آزاديءَ جي متوالا پنھنجي لاءِ نھ جيئندا آھن، ياسين ملڪ بھ انھن مان ھڪ آھي.

ڪشميري اڳواڻ جي گھر واريءَ چيو تھ آزاديءَ جي تحريڪن ۾ قومون ڪڏھن بھ ھار نھ مڃينديون آھن، ڪشمير جي آزاديءَ لاءِ جاکوڙ ڪندڙ ماڻھن جو مقابلو ڀارت جي 10 لک فوج سان آھي.

مزید خبریں

مقبول ترین خبریں