ڀارتي رياست اتر پرديش ۾ اسٽيڊيم ۾ ڪرڪيٽ ميچ دوران ماکي جي مکين جي حملي ۾ سينيئر امپائر مانڪ گپتا فوت ٿي ويو.
پرڏيھي ميڊيا موجب مانڪ گپتا ڪانپور ڪرڪيٽ سرڪٽ ۾ ھڪ نمايان امپائر ھو ۽ ڪانپور ڪرڪيٽ ايسوسي ايشن سان لاڳاپيل ھو.
ڀارتي ميڊيا جو چوڻ آھي تہ اتر پرديش جي ھڪ اسٽيڊيم ۾ ڪرڪيٽ ميچ دوران ماکي جي مکين حملو ڪيو، جنھن سان رانديگر ۽ امپائر متاثر ٿيا، جڏھن تہ سينيئر امپائر مانڪ گپتا ماکي جي مکين جي حملي ۾ فوت ٿي ويو.
فوتي امپائر جي مانڪ جي ڀاءُ اميت ڪمار گپتا موجب ميچ ختم ڪرڻ بعد مانڪ ڊرنڪس بريڪ دوران ھڪ ساٿي امپائر سان ملڻ ويو تہ ماکي جي مکين اتي موجود سڀني تي اوچتو حملو ڪيو، سندس ڀاءُ ڀڄڻ جي ڪوشش دوران ڪري پيو.
پرڏيھي ميڊيا موجب مانڪ گپتا تقريبن 30 سالن کان امپائرنگ ڪري رھيو ھو ۽ رياستي پنيل جو امپائر ھو.
ٻئي پاسي امپائر گپتا جي ساٿي امپائر جڳديش شرما ٻڌايو تہ ڊرنڪس بريڪ دوران مٿن ماکي جي مکين حملو ڪيو، ھو ڀڳا پر مانڪ گپتا عمر جو پڪو ھجڻ سبب مکين جي حملي مان نڪري نہ سگھيو……..