ڀارت ۾ ويلنٽائن ڊي جي موقعي تي گڏھن جي شادي ڪرائڻ جو هڪ انوکو واقعو سامهون آيو آهي، جيڪو ڌيان جو مرڪز بڻجي ويو آھي.
ڀارتي ميڊيا موجب، ڏکڻ ڀارتي شهر بنگلورو ۾ ڇنڇر (14 فيبروري) تي ويلنٽائن ڊي جي حوالي سان هي تقريب ڪوٺائي وئي.
تقريب جا دلچسپ تفصيل
شاديءَ لاءِ گڏھن کي سينگاريو ويو، کين گلن جا هار پارايا ويا ۽ تقريب ۾ گائڻ توڙي رقص ڪرڻ جا خاص انتظام ڪيا ويا.
تقريب جا انتظام سنڀاليندڙن جو چوڻ هو ته، “چاهي ڪير به هجي، جانور، پکي يا انسان، هر ڪنهن کي محبت ڪرڻ جو حق آهي ۽ کين عزت ڏيڻ گهرجي.”
ياد رھي ته سڄي دنيا ۾ 14 فيبروري تي ويلنٽائن ڊي ملهايو ويندو آهي. ان ڏينهن تي ماڻهو هڪ ٻئي کي ڳاڙها گل ۽ تحفا ڏئي محبت جو اظهار ڪندا آهن، پر بنگلورو ۾ هن انوکي شادي سوشل ميڊيا تي پڻ بحث ڇيڙي ڇڏيو آهي.