ڀارت ۾ راھول گانڌي ۽ پريانڪا سميت ڪيترائي اڳواڻ گرفتار

فہرستِ مضامین

نئين دھلي (ويب ڊيسڪ) ڀارت ۾ پارليامينٽ جي ھيٺئين ايوان لوڪ سڀا ۾ اپوزيشن ليڊر ۽ ڪانگريس اڳواڻ راھول گانڌي ۽ پريانڪا گانڌي سميت ڪيترن ئي سياسي اڳواڻن کي گرفتار ڪيو ويو آھي.

ڀارتي ميڊيا موجب راھول گانڌي نئين دھلي ۾ اپوزيشن اتحاد جي 3 سئو ميمبرن سان گڏ پارليامينٽ ھائوس کان اليڪشن ڪميشن جي آفيس ڏانھن مارچ ڪري رھيو ھو تھ کين روڪي گرفتاريون ڪيون ويون.

دھلي پوليس ڪانگريس جي اڳواڻن راھول گانڌي ۽ پريانڪا گانڌي کانسواءِ شيو سينا جي اڳواڻ سنجي رائوت، ساگريڪا گھوش ۽ ٻين اڳواڻن کي بھ گرفتار ڪيو.

ووٽر لسٽن ۾ بي ضابطگين خلاف احتجاج

گرفتاري کان اڳ ميڊيا سان ڳالھائيندي راھول گانڌي چيو تھ ھي سياسي نھ پر آئين کي بچائڻ جي ويڙھ آھي، ھيءَ ويڙھھ ھڪ ماڻھو ھڪ ووٽ جي اصول لاءِ آھي. اسان ھڪ صاف ۽ شفاف ووٽر لسٽ چاھيون ٿا.

راھول گانڌي چيو تھ حقيقت اھا آھي تھ ھو ڳالھھ نھ ٿا ڪري سگھن، سچائي ملڪ جي سامھون آھي. اپوزيشن جماعتن جي اتحاد انڊيا بلاڪ جا اڳواڻ ووٽر لسٽن ۾ مبينا بي ضابطگين خلاف احتجاج ڪري رھيا ھئا.

دھلي جي جوائنٽ ڪمشنر آف پوليس ديپڪ پروھت اڳواڻن جي گرفتاريءَ جي تصديق ڪندي چيو تھ اپوزيشن کي ايڏي وڏي پيماني جو احتجاج ڪرڻ جي پوليس اجازت نھ ڏني ھئي.

ھن چيو تھ اپوزيشن جي 30 ميمبرز کي اليڪشن ڪميشن وٽ وڃي شڪايت درج ڪرائڻ جي اجازت ڏني وئي ھئي، پر 2 سئو کان وڌيڪ ميمبر مارچ ڪندا پھچي ويا، اسان امن ۾ خلل وجھڻ کان روڪڻ لاءِ گرفتاريون ڪيون.

پوليس جون رنڊڪون اورانگھڻ جي ڪوشش

ڊپٽي ڪمشنر پوليس ديويش ڪمار مھلا چيو تھ ڪجھھ ميمبرن پوليس جا لڳايل بيريڪيڊز اورانگھڻ جي ڪوشش بھ ڪئي، جنھن تي کين گرفتار ڪيو ويو.

ڀارتي پارليامينٽ جي ٻاھران احتجاج واري ھنڌ جون ڪيتريون ئي وڊيوز سوشل ميڊيا تي وائرل آھن، جن ۾ اپوزيشن جا سياستدان ۽ ڪارڪن پلي ڪارڊ ھٿ ۾ کڻي پوليس جون رنڊڪون ھٽائيندي نظر اچي رھيا آھن.

ھڪ وڊيو ۾ سماج وادي پارٽيءَ جو سربراھ اکليش يادو بھ پوليس جا ٻھ بيريڪيڊز اورانگھيندي نظر اچي رھيو آھي.

بي جي پي تي اليڪشن چوري ڪرڻ جا الزام

اپوزيشن ليڊر راھول گانڌي گذريل ھفتي حڪمران جماعت بي جي پي تي اليڪشن چوري ڪرڻ جا الزام ھنيا ھئا.

راھول گانڌي مودي سرڪار تي لوڪ سڀا جي چونڊن ۾ ھڪ سئو سيٽن تي ڌانڌلي ڪرائڻ جا الزام ھڻندي چيو ھو تھ چونڊ نظام جي باري ۾ جڏھن ڊيٽا جاري ڪنداسين تھ اھو ايٽم بم ثابت ٿيندو، ڀارتي چونڊ نظام اڳ ئي مري چڪو آھي.

راھول گانڌي جو چوڻ ھو تھ جيڪڏھن اھي سيٽون ڌانڌلي سان نھ کٽيون ويون ھجن تھ نريندر مودي ڀارت جو وزيراعظم نھ ھجي ھا. ھن دعويٰ ڪئي تھ اسان ثابت ڪري ڏيکارينداسين تھ لوڪ سڀا جي اليڪشن ڪيئن چوري ڪئي وئي.

راھول گانڌي چيو تھ جنھن اداري کي جمھوريت جو دفاع ڪرڻو ھو، اھو پاڻ مودي جي قبضي ۾ ھليو ويو. مودي ووٽ سان گڏ ڀارتي عوام جو اعتماد بھ ڦري ورتو، جيڪو ووٽ عوام جو حق ھو، اھو مودي جي اقتدار واري ھوس جي ور چڙھي ويو.

ڀارتي اليڪشن ڪميشن پاران الزامن جي ترديد

راھول گانڌي گذريل خميس تي پريس ڪانفرنس دوران اليڪشن ڪميشن تي سنگين الزام ھڻندي چيو ھو تھ لوڪ سڀا جي چونڊن توڙي ھريانھ ۽ مھاراشٽر جي چونڊن ۾ بھ ووٽر لسٽن ۾ وڏي پيماني تي ڌانڌلي ٿي آھي.

ھن چيو تھ مشين ريڊ ايبل ووٽر لسٽ فراھم نھ ڪرڻ ان ڳالھھ جو ثبوت آھي تھ اليڪشن ڪميشن مھا راشٽر ۾ ووٽ چوري ڪرڻ لاءِ بي جي پي سان ملي ڀڳت ڪئي آھي.

ڀارتي اليڪشن ڪميشن راھول گانڌي جي سنگين الزامن کي گمراھ ڪندڙ قرار ڏيندي رد ڪري ڇڏيو آھي، اليڪشن ڪميشن جو چوڻ آھي تھ راھول گانڌي پنھنجيون شڪايتون ڪرناٽڪ جي چيف اليڪٽورل آفيسر کي لکت ۾ ڏئي.

مزید خبریں

مقبول ترین خبریں