ڀارت ۾ آن لائن گيم کيڏڻ کان روڪڻ تي ٽن ڀينرن عمارت تان ٽپو ڏئي آپگھات ڪري ڇڏيوآھي.
ڀارتي ميڊيا موجب واقعو رياست اتر پرديش جي شھر غازي آباد ۾ پيش آيو، جتي گيم کيڏڻ کان روڪڻ تي ٽن ڀينرن عمارت جي نائين ماڙ تان ٽپو ڏئي ڇڏيو.
ميڊيا موجب 13 ورھين جي پاکھي، 14 ورھين جي پراچي ۽ 16 ورھين جي ويشيڪا مبينا طور تي ھڪ آئن لائن ڪورين گيم جي نشي ۾ متبلا ھيون ۽ انھن سال اڳ اسڪول وڃڻ بہ ڇڏي ڏنو ھو.
ڀارتي ميڊيا موجب ٽئي ڀينرون گيم جي نشي ۾ ايئن تہ مبتلا ھيون جو پنھنجا نالا بہ ڪورين رکيا ڇڏيا ھئا، جنھن سبب والدين پاران گيم کيڏڻ تي پابندي لڳائي وئي ھئي ۽ ٽنھي ڀينرن رات جي وقت نائين ماڙ تان ٽپو ڏئي آپگھات ڪري ڇڏيو.
جاچ دوران ڇوڪرين جي ڪمري مان ھڪ ڊائري ملي آھي جنھن تي نوٽ لکيل ھو جنھن ۾ گيمنگ ۽ موبائل سرگرمين جا تفصيل شامل آھن.
ڇوڪرين لکيو تہ ھن ڊائري ۾ جيڪو ڪجھ بہ لکيل آھي اھو پڙھي ڇڏيو اھو سچ آھي، انھن لکيو تہ بابا معاف ڪجو، ڪوريا اسان جي زندگي آھي، ڪوريا اسان جي سڀ کان وڌيڪ محنت آھي، اوھان جيڪو ڪجھ بہ چئو اسان گيم نٿيون ڇڏي سگھيون.
نوٽ پڙھڻ کانپوءِ والد روئندي چيو، ھي ڪنهن بہ والدين يا ٻار سان نہ ٿيڻ گهرجي، والدين کي پنهنجن ٻارن کي گيم کيڏڻ نہ ڏيڻ گهرجي……