ڀارت گنڊاپور جو بيان کڻي پاڪستان خلاف ايف اي ٽي ايف پھچي ويو، گنڊاپور جون وضاحتون

فہرستِ مضامین

ڀارت خيبر پختونخواھ جي وڏي وزير علي امين گنڊاپور جي ھڪ وڊيو بيان کي پاڪستان خلاف چارج شيٽ قرار ڏيندي ايف اي ٽي ايف وٽ پھچي ويو آھي ۽ اھو الزام ھنيو آھي تھ پاڪستان اڃا بھ دھشتگردن جي حمايت ڪري رھيو آھي.

ڀارت پاران فنانشل ايڪشن ٽاسڪ فورس (FATF) آڏو ڪي پي جي وڏي وزير علي امين گنڊاپور جو بيان پيش ڪيو ويو آھي ۽ اھو مطالبو ڪيو ويو آھي تھ پاڪستان جو نالو ٻيھر گري لسٽ ۾ شامل ڪيو وڃي.

ذريعن موجب ايف اي ٽي ايف جي اختيارين تصديق ڪئي آھي تھ ڀارت پاران پاڪستان خلاف دھشتگردن جي حمايت جا الزام ورجائيندي وڏي وزير علي امين گنڊاپور جي بيان کي ثبوت طور پيش ڪيو ويو آھي.

ايف اي ٽي ايف اختيارين موجب ڀارت جو موقف آھي تھ سي ايم علي امين گنڊاپور جي بيان کي پاڪستان خلاف چارج شيٽ طور ڏٺو وڃي.

علي امين گنڊاپور تڪراري بيان ۾ ڇا چيو ھو؟

علي امين گنڊاپور پي ٽي آءِ جي آفيشل فيس بوڪ پيج تي موجود پنھنجي ھڪ وڊيو بيان ۾ 25 جولاءِ تي چيو ھو تھ اسان پوليس ذريعي آپريشن ڪري انھن (گڊ طالبان بيڊ طالبان) کي ٻاھر ڪڍيو پر ادارن پاران کين ٻيھر آندو ويو.

گنڊاپور پنھنجي ان وڊيو بيان ۾ وڌيڪ چيو تھ جڏھن ھنن کي ٻيھر پڪڙيو ويو تھ ادارن پاران پوليس کي اھو چئي ھنن کي ڇڏايو ويو تھ ھي اسان جا ماڻھو آھن، اسان ھنن کي استعمال ڪندا آھيون.

علي امين گنڊاپور جو پنھنجي ان بيان ۾ وڌيڪ چوڻ ھو تھ  گڊ طالبان ۽ بيڊ طالبان اسان کي قبول نھ آھن، توھان کي انھن جي ضرورت آھي تھ کين پاڻ وٽ ڀرتي ڪري ڇڏيو ۽ محاذن تي ويڙھايو پر ھي ائين شھرن ۾ نھ گھمندا.

 علي امين گنڊاپور جو ڀارتي الزامن تي ردعمل

وڏي وزير علي امين گنڊاپور ڀارتي حڪومت پاران سندس بيان کي ايف اي ٽي ايف ۾ پاڪستان خلاف ثبوت طور پيش ڪرڻ تي ردعمل ظاھر ڪندي چيو آھي تھ ڀارت منھنجي بيان کي فيٽف آڏو ٽوڙي مروڙي پيش ڪيو آھي.

پنھنجي وڊيو بيان ۾ علي امين گنڊاپور چيو تھ ڀارت اڄ کان نھ پر ھميشھ کان پاڪستان توڙي سموري خطي اندر ٿيندڙ دھشتگردي ۾ ملوث رھيو آھي.

ڪي پي ڪي جي وڏي وزير چيو تھ ھاڻي مان پاڻ ايف اي ٽي ايف کي پھرين خط لکي رھيو آھيان ۽ پوءِ پاڻ اتي وڃي وضاحت سان ٻڌائيندس تھ ڪشمير ۾ ۽ گلگت بلتستان ۾ ڀارت ڇا ڇا ڪيو آھي ۽ ھاڻي بھ ڇا ڪجھھ ڪري رھيو آھي.

علي امين گنڊاپور پنھنجي اڳوڻي بيان تي ھاڻي وضاحت جاري ڪندي چيو تھ سموري پاڪستان ۾ جتي بھ دھشتگردي ٿي رھي آھي، ان ۾ ڀارت ملوث آھي.

ھن چيو تھ افغانستان اندر ڀارت جي سفارتخانن ۾ نھ تجارت ٿي رھي ھئي ۽ نھ سفارتڪاري ٿي رھي ھئي، انھن سفارتخانن ذريعي پاڪستان ۾ دھشتگردي ٿي رھي ھئي.

ياد رھي تھ آڪٽوبر 2022 ۾ ايف اي ٽي ايف پاران پاڪستان جو نالو گري لسٽ مان خارج ڪيو ويو ھو، پاڪستان 2018 کان فيٽف جي گري لسٽ ۾ شامل ھو.

مزید خبریں

مقبول ترین خبریں