ڀارت ڪا بہ اڳرائي ڪئي تہ ان جو خوفناڪ جواب ڏنو ويندو: پاڪ فوج جو ترجمان

فہرستِ مضامین

ڀارتي دفاع واري وزير راج ناٿ سنگھ ڌمڪي ڏني ھئي تہ جيڪڏھن پاڪستان ” سر ڪريڪ“ جو مسئلو حل نہ ڪيو تہ اھڙو جواب ڏينداسين جو اسلام آباد جي جغرافيائي شڪل تبديل ڪري ڇڏينداسين، جنھن تي اڄ پاڪ  فوج جي ترجمان رد عمل ڏنو آھي.

پاڪ فوج خبردار ڪندي چيو آھي تہ ڀارت ڪا بہ اڳرائي ڪئي تہ ان جو خوفناڪ جواب ڏنو ويندو، آءِ ايس پي آر پاران ڀارتي سيڪيورٽي اسٽيبلشمينٽ جي چڙ ڏياريندڙ بيانن تي سخت ردعمل سامھون آيو آھي.

آءِ ايس پي آر پاران جاري ڪيل پڌرائي ۾ چيو ويو آھي تہ ڀارت پاران ايندڙ غير ذميواراڻہ بيان اڳرائي لاءِ بھانا ٺاھڻ جي نئين ڪوشش جي نشاندھي ڪن ٿا، لڳي ٿو تہ ڀارت پنھنجي ويڙھاڪ جھازن جي ملبي ۽ پاڪستان جي ڊگھي فاصلي تائين مار ڪندڙ ھٿيارن جي طاقت ۽ تباھي وساري ويٺو آھي.

آءِ ايس پي آر جي پڌرائي ۾ چيو ويو تہ ڀارتي سيڪيورٽي ادارن جي چڙ ڏياريندڙ بيانن کان واقف آھيون، غيرذميواراڻہ بيان جارحيت لاءِ  بھانن جي نئين ڪوشش آھن، اھڙا بيان ڏکڻ ايشيا ۾ امن لاءِ سنگين خطرو ٿي سگھن ٿا.

ترجمان موجب ڀارت گذريل ڪيترن ئي ڏھاڪن کان پاڪستان کي ناڪاري انداز ۾ پيش ڪري ۽ الزام لڳائي پاڻ کي مظلوم ظاھر ڪرڻ جو ڪارڊ کيڏي رھيو آھي، جيتوڻيڪ خطي ۾ تشدد کي ھوا ڏئي ڀارت اصل ۾ پاڻ ئي دھشتگردي جي سرپرستي ڪئي آھي.

آءِ ايس پي آر جي پڌرائي ۾ وڌيڪ چيو ويو تہ  ڀارت جو اھو بيانيو ھاڻي وائکو ٿي چڪو آھي، دنيا ڏسي چڪي آھي تہ سرحد پار دھشتگردي جو حقيقي چھرو ڀارت جو ئي آھي، دنيا  ڀارت کي علائقائي عدم استحڪام جو مرڪز تسليم ڪري چڪي آھي.

پاڪ فوج جي ترجمان چيو تہ تازو ڀارتي جارحيت ٻنھي ايٽمي قوتن کي جنگ جي ڪنڌيءَ تائين پھچايو ھو، ڀارت شايد پاڪستان جي پري تائين مار ڪندڙ ھٿيارن جي تباھي ۽ پنھنجي تباھ ٿيل ويڙھاڪ جھازن جي ملبي کي وساري ڇڏيو آھي.

ڀارت ٻيھر نئين تڪرار جي خواھش ۾ مبتلا آھي

آءِ ايس پي آر موجب ڀارت ھاڻي ٻيھر نئين تڪرار جي خواھش ۾ مبتلا نظر اچي رھيو آھي، ڀارتي بچاءُ واري وزير، ڀارتي فوج ۽ ڀارتي فضايہ جي سربراھن جا انتھائي چڙ ڏياريندڙ بيان سامھون آيا آھن، ھي بيان مستقبل جي انتھائي تباھ ڪندڙ تڪرار جي نتيجي جو سبب بڻجي سگھن ٿا.

آءِ ايس پي آر موجب جيڪڏھن جنگ جو نئون دور شروع ٿيو تہ پاڪستان پوئتي نہ ھٽندو، پوري طاقت ۽ پختي عزم سان منھن ٽوڙ جواب ڏنو ويندو.

آءِ ايس پي آر جو چوڻ آھي تہ پاڪستان جو عوام ۽ فوجون ھر ڪنڊ ۽ ڪناري تائين وڙھڻ جي صلاحيت رکن ٿيون.

ڀارتي بچاءَ وزير جي پاڪستان کي ڌمڪي

ڀارتي دفاع واري وزير راج ناٿ سنگھہ گذريل ڏينھن پاڪستان خلاف زھر اوڳاڇيندي ڌمڪي ڏني ھئي تہ جيڪڏھن پاڪستان سرڪريڪ سيڪٽر ۾ ڪارروائي ڪئي تہ ان جي تاريخ ۽ جغرافيا کي تبديل ڪري ڇڏينداسين.
راج ناٿ سنگھ ڪوڙي دعويٰ بہ ڪئي ھئي تہ پاڪستان سرڪريڪ جي علائقي ۾ پنھنجي عسڪري موجودگي ۽ انفرا اسٽرڪچر ۾ اضافو ڪري رھيو آھي.
ڀارت جي بچاءُ واري وزير روايتي ھوڏ جو مظاھرو ڪندي ھڪ ڀيرو ٻيھر پاڪستان الزام لڳايو پر ڪو بہ ثبوت پيش نہ ڪيو.
ڀارتي وزير حقيقتن کي لڪائيندي بي بنياد دعويٰ ڪئي تہ 1965۾ ڀارتي فوج لاھور تائين پھچي وئي ۽ ياد رھي تہ سرڪريڪ کان ڪراچي تائين روڊ وڃي ٿو.
ڀارتي وزير دفاع راج ناٿ سنگھ سرڪريڪ سيڪٽر ۾ ٻن نون تنصيبات جو ورچوئل افتتاح به ڪيو، جن ۾ ٽي ڊل انڊپينڊنٽ برٿنگ فسيلٽي ۽ گڏيل ڪنٽرول سينٽر شامل آهن، ڀارتي بچاءُ واري وزير موجب ان منصوبن سان سامونڊي دفاعي صلاحت ۾ اضافو ٿيندو.

مزید خبریں

مقبول ترین خبریں