ڀارت پاڪستاني سرحد ويجھو وڏي پئماني تي فضائي مشقن جو اعلان ڪري ڇڏيو

فہرستِ مضامین

ڀارت پنهنجي سرحد ويجهو واقع رياست گجرات ۾ وڏي پيماني تي فضائي مشقن جو اعلان ڪيو آهي۔ ان مقصد لاءِ ڀارتي فضائيہ نوٽيس ٽو ايئر مين (NOTAM) جاري ڪندي 20 کان 21 جنوري تائين مخصوص فضائي علائقن کي بين الاقوامي اڏامن لاءِ بند ڪيو آهي۔

ڀارتي ميڊيا موجب، هي مشقون گجرات جي ڪڇ واري علائقي ۾ ڪيون وينديون، جتي ڀارتي فضائيہ جا جديد جنگي جهاز جهڙوڪ رافيل، سخوئي 30 ايم ڪي آئي، جيگوار ۽ ٻيا فرنٽ لائن جنگي جهاز حصو وٺندا۔

مشقن دوران تيز رفتار اُڏام، فضائي جنگ جي تربيت ۽ امڪاني طور تي لائيو فائرنگ يا بمباري جون مشقون پڻ ڪيون وينديون۔

ڀارتي ميڊيا جو چوڻ آهي تہ مشقن لاءِ مختص فضائي زون پاڪستان سان ڀارت جي ڏکڻ سرحد جي حساس علائقن تي ٻڌل آهي، جن ۾ سمنڊ، سر ڪریڪ، راج ڪوٽ ۽ احمد آباد جا ويجها علائقا شامل آهن۔

علائقائي تجزئي نگارن موجب، اهڙا  قدم خطي ۾ ڇڪتاڻ وڌيڪ وڌائي سگهن ٿا، جڏھن تہ صورتحال تي لاڳاپيل ادارا جي گھري نظر آھي….

مزید خبریں

مقبول ترین خبریں