ڀارت هڪ ڀيرو ٻيھر سنڌ طاس معاهدي جي کليل ڀڃڪڙي ڪندي چناب درياھ تي بجلي جي منصوبي جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي۔
پيپلزپارٽي جي نائب صدر سينيٽر شيري رحمان ڀارتي آبي جارحيت جي مذمت ڪندي چيو آهي بجلي منصوبو سنڌ طاس معاهدي جي کليل ڀڃڪڙي آھي، ڀارت جو ھي منصوبو پاڪستان جي تسليم شدہ آبي حقن تي سڌو سنئون حملو آهي۔
شيري رحمان چيو تہ سنڌ طاس معاهدي جي ھڪ طرفي معطلي عالمي قانونن جي ڀڃڪڙي آهي، معاهدي جي ھڪ طرفي معطلي عالمي اصولن ۽ علائقائي امن جي ابتڙ آهي، ڀارتي منصوبي سبب پاڪستان جي آبي، زرعي ۽ ماحولياتي سلامتي کي خطرا پيش ايندا۔
ھن چيو تہ بجلي منصوبو پاڪستان لاءِ نقصانڪار ٿي سگهي ٿو، ڀارت پاڻي کي هٿيار طور استعمال ڪري تڪرار ۽ عدم استحڪام کي ھوا ڏئي رھيو آھي ۔
شيري رحمان چيو تہ چناب ۾ پاڻي جي وھڪرن ۾ غيرمعمولي لاٿ ڀارتي آبي جارحيت جو ثبوت آهي، سنڌ طاس معاهدو عالمي ضمانتن تحت ٿيل دستاويز آهي، درياھن تي قبضي جي ڪوشش سخت نتيجن کي جنم ڏئي سگهي ٿي۔
هن چيو تہ پاڻي پاڪستان جي ريڊلائين آهي، جنھن تي ڪا بہ سوديبازي نہ ڪئي ويندي، ڀارت نہ مڙيو تہ بنيان المرصوس وانگر کيس ٻيھر سبق سيکارڻو پوندو، سنڌ طاس معاهدي جي ڀڄڪڙين کي عالمي فورمن تي اثرائتي انداز ۾ اٿارينداسين، ڀارت کي ھڪ طرفا قدم ڇڏڻا پوندا ۽ عالمي معاهدن جي پاسداري ڪرڻي پوندي۔…..