ڀارت محفوظ ناھي، ٽي ٽوئنٽي ورلڊ ڪپ کيڏڻ نہ وينداسين: بنگلاديشي بورڊ جو اعلان

فہرستِ مضامین

بنگلاديش ڪرڪيٽ بورڊ جي ڊائريڪٽر آصف اڪبر چيو آھي تہ ٽي ٽوئنٽي ورلڊ ڪپ کيڏڻ لاءِ ڪنھن بہ صورت ۾ ڀارت نہ وينداسين.

ھن چيو تہ آءِ سي سي طرفان سريلنڪا يا بنگلاديش کي وينيو طور چونڊڻ ڌار معاملو آھي، اسان فيصلو ڪيو آھي تہ ڀارت نہ وينداسين، اتي رانديگر محفوظ ناھن.

ھن چيو تہ ھو ٽيم کي ان ملڪ ۾ نٿا موڪلي سگھن، جتي سندن رانديگر محفوظ نہ ھجن.

واضح رھي تہ آءِ پي ايل کيڏڻ لاءِ پھتل بنگلاديشي فاسٽ بالرمستفيض رحمان کي ڀارتي انتھاپسندن جي ڌمڪين بعد ٽيم مان ڪڍيو ويو ھو.

مستفيض جي ٽيم مان نيڪالي بعد ٻنھي ملڪن جي ڪرڪيٽ بورڊز وچ ۾ ڇڪتاڻ وڌي وئي ھئي، بنگلاديشي ڪرڪيٽ بورڊ ھنگامي اجلاس ۾ اھو فيصلو ڪيو.

مزید خبریں

مقبول ترین خبریں