ڀارت پاران پاڻي ڇڏڻ بعد پنجاب جي ٽنهي درياهن، چناب، ستلج ۽ راوي ۾ خطرناڪ ٻوڏ واري صورتحال پيدا ٿي وئي آهي.
قومي اسيمبلي جي موسمياتي تبديلي بابت اسٽينڊنگ ڪاميٽي جي اجلاس ۾ ٻوڏ واري صورتحال تي غور ڪيو ويو، جڏهن ته وفاقي وزير مصدق ملڪ کي ايندڙ اجلاس ۾ شرڪت يقيني بڻائڻ لاءِ چيو ويو آهي.
اجلاس دوران موسمياتي تبديلي واري وزارت جي سيڪريٽري ڪميٽي کي آگاهه ڪيو ته ڀارت مان پاڻي اچڻ ڪو وڏو مسئلو ناهي، جڏهن ڀارت جا ڊيم ڀرجي ويندا ته اتان پاڻي ڇڏيندو، اصل ضرورت اسان وٽ ڊيم ٺاهڻ ۽ زمين جي صحيح استعمال جي آهي.
ڊبليو ٽي اين جي رپورٽ موجب، اسٽينڊنگ ڪاميٽي جو اجلاس چيئرپرسن منزه حسن جي صدارت هيٺ ٿيو، جنهن ۾ ٻوڏ بابت صورتحال تي غور ڪيو ويو.
موسمياتي تبديلي واري سيڪريٽري چيو ته موجوده ٻوڏ واري صورتحال ڀارت مان پاڻي اچڻ جو مسئلو ناهي، پر جڏهن ڀارت جا ڊيم ڀرجي ويندا ته اتان لازمي پاڻي ڇڏبو، ان سلسلي ۾ پاڻي وسيلن واري وزارت جي عملدارن کي به ڪاميٽي کي بريفنگ ڏيڻ گهرجي.
ڊيم ٺاهڻ ۽ زمين جي صحيح استعمال جي ضرورت
سيڪريٽري موسمياتي تبديلي چيو ته اسان کي ڊيم ٺاهڻا پوندا ۽ زمين جو صحيح استعمال يقيني بڻائڻو پوندو.
ڪاميٽي جي ميمبر طاهره اورنگزيب چيو ته ملڪ ۾ جتي به ڏسو، ٻوڏ ۽ برساتن تباهي مچائي ڇڏي آهي، وفاقي وزير مصدق ملڪ وري به اجلاس ۾ شرڪت نه ڪئي، ملڪ اهڙي سنگين صورتحال مان گذري رهيو آهي، ايندڙ اجلاس ۾ وفاقي وزير کي ضرور سڏايو وڃي.
اجلاس دوران ڪميٽي جي چيئرپرسن طنز ڪندي چيو ته لڳي ٿو وفاقي وزير بند ٻڌڻ ۾ مصروف هوندو، تنهنڪري نه آيو.
سيڪريٽري موسمياتي تبديلي چيو ته وزيراعظم شهباز شريف وفاقي وزير کي هڪ اهم ذميواري ڏني آھي، جنهن ڪري هو اجلاس ۾ شرڪت نه ڪري سگهيو.
موسمياتي تبديلي واري وزارت جي ڪارڪردگي تي بي اعتمادي
ان کان اڳ، 25 مارچ تي ٿيل اجلاس ۾ ڪاميٽي موسمياتي تبديلي وزارت جي ڪارڪردگي تي بي اعتمادي جو اظهار ڪيو هو.
ڪميٽي جي ميمبر اويس حيدر جکڙ چيو هو ته موسمياتي تبديليون پاڪستان لاءِ وڏو خطرو بڻجي چڪيون آهن، پر وزارت طرفان آگاهي جي لاءِ ڪهڙا قدم کنيا ويا آهن؟ سوشل ميڊيا جي دور ۾ وزارت اڃا به پراڻي طريقي سان ڪم ڪري رهي آهي.
ڪاميٽي جي ميمبر طاهره اورنگزيب چيو هو ته جنگلات جي عالمي ڏينهن جي موقعي تي وزارت ڪو به آگاهي وارو قدم نه کنيو، معذرت سان چوڻو پوي ٿو ته وزارت عملي طور تي ڪوبه ڪم نه پئي ڪري.