اسلام آباد : پاڪستان جي انٽيليجنس ادارن ڀارت لاءِ جاسوسي جي الزام ھيٺ ھڪ مھاڻي کي ڪري فورسز جون ورديون ۽ ٻيو سامان ھٿ ڪري ورتو آھي
اطلاعات واري وزير عطا تارڙ ۽ گھرو معاملن بابت مملڪتي وزير طلال چوڌري گڏيل پريس ڪانفرنس ڪندي پاڪستاني ادارن پاران ڀارتي سازش کي وائکو ڪرڻ جا تفصيل ٻڌايا ۽ ڀارت لاءِ جاسوسي ڪندڙ جاسوس مھاڻي جي ويڊيو بہ نشر ڪئي.
وفاقي وزير عطا تارڙ ٻڌايو تہ ڀارت اعجاز ملاح نالي مھاڻي کي گرفتار ڪري اڻڄاتل ھنڌ منتقل ڪيو، جنھن بعد ڀارتي ڳجھي ايجنسي مھاڻي اعجاز کي ڀارت لاءِ ڪم ڪرڻ تي راضي ڪيو.
عطا تارڙ ٻڌايو تہ ڀارت اعجاز ملاح کي آرمي، نيوي ۽ رينجرز جون ورديون خريد ڪرڻ جي ھدايت ڪئي، جڏھن اعجاز ملاح ھي ورديون خريد ڪري رھيو ھو تہ پاڪستاني ايجنسين ان جي نگراني شروع ڪئي، اعجاز ملاح کي ڀارت ويندي گرفتار ڪيو ويو.
عطا تارڙ پريس ڪانفرنس دوران ڀارت لاءِ جاسوسي ڪندڙ اعجاز ملاح جي ويڊيو بہ نشر ڪئي، جنھن ۾ ھن اعتراف ڪيو تہ ڀارتي ايجنسين کيس سمنڊ مان گرفتار ڪيو، ڀارتي ايجنسين چيو جيڪڏھن سندن لاءِ ڪم نہ ڪندو تہ جيل ۾ رھندو.
اعجاز ملاح پنھنجي اعترافي ويڊيو بيان ۾ ٻڌايو تہ ڀارتي ڳجھي ايجنسي کيس فوج جون ورديون، موبائل سمز ۽ فون بلز آڻڻ جي ھدايت ڏني، ان کانسواءِ 50 ۽ 100 رپين جي پراڻي ڪرنسي نوٽ آڻڻ جو بہ چيو ويو، ھن سمورو سامان گڏ ڪيو جنھن جي ھڪ تصوير ڀارتي ايجنسي جي آفيسر اشوڪ ڪمار کي اماڻي ۽ پوءِ آڪٽوبر مھيني ۾ ڀارت وڃڻ لاءِ نڪتو تہ رستي ۾ کيس پاڪستاني سيڪيورٽي ادارن پڪڙي ورتو.
وفاقي وزير ٻڌايو تہ اعجاز ملاح جي گرفتاري ان ڳالھ جو واضح ثبوت آھي تہ پاڪستاني سيڪيورٽي ادارا ۽ انٽيليجنس ايجنسيون ملڪي سرحدن جي دفاع ۽ تحفظ لاءِ مڪمل طور الرٽ آھن.
هن چيو تہ ڀارت جي پاڪستان مخالف مهم، ان جي سفارتي ۽ فوجي ناڪامين جو ثبوت آهي، پاڪستان عالمي سطح تي عزت ۽ وقار حاصل ڪري رهيو آهي، جيڪو ڀارت برداشت نہ پيو ڪري سگھي، ڀارت پاڪستان جي عالمي سطح تي وڌندڙ وقار کان ڊنل آھي.
هن چيو تہ ڀارت گجرات ۽ ڪڇ ويجهو فوجي مشقن جي اوٽ ۾ ناپاڪ سرگرميون شروع ڪيون، ڀارتي مشقن جو مقصد پاڪستان خلاف پروپيگنڊا ۽ تخريبي ڪارروايون هو، ڀارت فوجي مشقن کي پاڪستان مخالف پروپيگنڊا مهم سان جوڙڻ جي ڪوشش ڪئي، پر سيڪيورٽي ادارن ڀارتي ڳجھي ايجنسي جي سازش ناڪام بڻائي ڇڏي.
عطا تارڙ چيو تہ ڀارت جا ڪوڙا بيانيه ۽ من گهڙت دعوائون دنيا آڏو وائکو ٿي ويون آھن، پاڪستان عالمي برادري آڏو ڀارتي سازش کي وائکو ڪري ڇڏيو آهي.
ھن وڌيڪ چيو تہ هن معاملي کي عالمي سطح تي به اٿاريو ويندو، جڏهن عفراءِ ايڪسپريس جو واقعو پيش آيو، تڏهن سڀ کان پهرين وڊيو ڀارتي ٽي وي چينلن تي ڏيکاري وئي، افغان پرڏيهي وزير ڀارت ۾ ويهي ڪشمير بابت بيان ڏنو.