ڀارت فالس فليگ آپريشن جي تياري ڪري رھيو آھي، ڊرامو ڪيو تہ ڀرپور جواب ڏينداسين: خواجہ آصف

فہرستِ مضامین

خواجہ آصف چيو آهي تہ ڀارت فالس فليگ آپريشن جي تياري ڪري رھيو آهي ۽ جيڪڏھن ڀارت ڪو ڊرامو رچائڻ جي ڪوشش ڪئي تہ پاڪستان ڀرپور جواب ڏيندو ۽ جواب ڏيندي ڪلڪتا تائين پهچي وينداسين۔

دفاع واري وزير خواجہ آصف چيو تہ علائقي ۾ امن قائم ٿيڻ گھرجي ۽ برادر ملڪن وچ ۾ اتفاق ضروري آهي، هن دعويٰ ڪئي تہ پاڪستاني فوج ڀارت کي جنگ ۾ عبرتناڪ شڪست ڏني۔

خواجہ آصف جو چوڻ هو تہ ڀارت فالس فليگ آپريشن جي تياري ڪري رھيو آهي، پر جيڪڏھن ڀارت ڪا حرڪت ڪئي تہ پاڪستان ڀرپور جواب ڏيندو۔

هن وڌيڪ چيو تہ جيڪڏھن ڪنهن بہ قسم جي جارحيت ڪئي وئي تہ جواب ڏيندي ڪلڪتا تائين پهچي وينداسين۔

هن جو چوڻ هو تہ پاڪستان انتهائي اهم ڪردار ادا ڪري رھيو آهي، دعا ڪريو تہ پاڪستان پنهنجي ڪردار ۾ ڪامياب ٿئي۔

خواجہ آصف چيو تہ دعا ڪريو تہ علائقي ۾ امن قائم رھي ۽ برادر ملڪن وچ ۾ اتفاق هجي۔….

مزید خبریں

مقبول ترین خبریں