اسلام آباد/لاهور:انٽرنيشنل ڪرڪيٽ ڪائونسل (آئي سي سي) ٽي ٽوئنٽي ورلڊ ڪپ ۾ ڀارت جي خلاف ميچ نہ کيڏڻ جي معاملي تي پي سي بي چيئرمين محسن نقوي جي اڄ وزيرِ اعظم شهباز شريف سان ملاقات جو امڪان آھي.
ذريعن موجب محسن نقوي وزيرِاعظم کي آئي سي سي جي وفد سان ٿيل ملاقات کان آگاھ ڪندو۔
ذريعن جو چوڻ آهي تہ ميچ کيڏڻ يا نہ کيڏڻ جو حتمي فيصلو وزيراعظم شهباز شريف ڪندو۔
ياد رھي تہ گذريل ڏينھن آءِ سي سي وفد ڀارت سان ميچ نہ کيڏڻ واري معاملي تي پي سي بي چيئرمين محسن نقوي سان ملاقات ڪئي ھئي
ذريعن موجب جيڪڏھن بنگلاديش سان ٿيل زيادتي جو ازالو ڪيو ويو تہ ڳالھيون ڪامياب ٿي وينديون، جڏھن تہ پاڪستان پاران ڀارت سان ميچ کيڏڻ يا نہ کيڏڻ جو فيصلو بعد ۾ ڪيو ويندو۔…