ڀارت خلاف ميچ نہ کيڏڻ سان پاڪستان کي ڪھڙو فرق پوندو؟

فہرستِ مضامین

پاڪستان طرفان 7 فيبروري کان شروع ٿيندڙ ٽي 20 ورلڊ ڪپ دوران ڀارت خلاف پنهنجو گروپ ميچ نہ کيڏڻ جي فيصلي بعد مداحن جي ذهنن ۾ اهو سوال گھمي رھيو آھي ان سان پاڪستان جي ورلڊ ڪپ جي سفر تي ڪهڙو اثر پوندو؟ ۽ جيڪڏهن ٻئي ٽيمون ناڪ آئوٽ مرحلي تائين پهچن ٿيون تہ ڇا پاڪستان تڏھن به ساڳيو فيصلو ڪندو؟.

انڊيا ۽ پاڪستان جون ٽيمون ٽي 20 ورلڊ ڪپ جي شروعاتي مرحلي لاءِ ٺاهيل چار گروپن مان گروپ اي ۾ شامل آھن، انهن مقابلن کان پوءِ هر گروپ مان ٻه ٽيمون سپر ايٽ مرحلي لاءِ ڪواليفاءِ ڪنديون، جيڪڏھن پاڪستان ۽ ڀارت سپر ايٽ مرحلي ۾ پهچن ٿا ته کين ڌار ڌار گروپن ۾ رکيو ويندو، يعني ٻئي ٽيمون شروعاتي مرحلي کان پوءِ رڳو سيمي فائنل يا فائنل ۾ ئي هڪ ٻئي جي سامهون اچي سگهن ٿيون.

گروپ اي ۾ انڊيا ۽ پاڪستان کانسواءِ آمريڪا، نميبيا ۽ نيدرلينڊز جون ٽيمون شامل آهن.

ڀارت خلاف ميچ نه کيڏڻ جا اثر

پاڪستان جي ڀارت خلاف ٽي 20 ورلڊ ڪپ ميچ نه کيڏڻ جي صورت ۾ پوائنٽن ۽ رن ريٽ تي اثرن بابت بحث هلي رھيو آهي، جڏهن ته سوشل ميڊيا تي صارف ممڪن نتيجن بابت مختلف منظرناما ٺاهي رھيا آهن.

پاڪستان جي فيصلي سبب ڀارت کي هن ميچ ۾ فتح ۽ 2 يقيني پوائنٽس ملندا، جڏهن ته پاڪستان کي سپر ايٽ مرحلي ۾ پهچڻ لاءِ پنهنجا باقي ميچ سٺي رن ريٽ سان کٽڻا پوندا.

رن ريٽ بابت آءِ سي سي جي پليئنگ ڪنڊيشنز جي شق 16.10.7 موجب، جيڪڏهن ڪا ٽيم ميچ کيڏڻ کان انڪار ڪري ٿي ته ميچ نہ کيڏندڙ ٽيم جو نيٽ رن ريٽ متاثر ٿيندو، جڏهن تہ ٻي ٽيم جي رن ريٽ تي ڪو اثر نه پوندو، يعني هي فيصلو پاڪستان جي ٽورنامنٽ ۾ رن ريٽ کي به نقصان پهچائيندو

پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ جي ترجمان عامر مير کان پڇيو ويو تہ جيڪڏهن ٽورنامنٽ جي ايندڙ مرحلن ۾ به پاڪستان ۽ ڀارت آمهون سامهون اچن ٿا تہ ڇا پاڪستان تڏھن به ميچ کيڏڻ کان انڪار ڪندو؟، ان تي هن چيو ته ان جو فيصلو وقت اچڻ تي ڪيو ويندو ۽ اهو فيصلو پي سي بي نه، پر حڪومت ڪندي.

 

آءِ سي سي ٽورنامنٽن ۾ ميچ نہ کيڏڻ جي تاريخ

سياسي سببن جي بنياد تي راندين جي بائيڪاٽ جي هڪ ڊگهي تاريخ رھي آهي، ۽ آءِ سي سي ٽورنامنٽن ۾ به اهڙا ڪيترائي مثال ملن ٿا.

1979 ۾ سري لنڪا سياسي سببن ڪري آءِ سي سي ٽرافي ۾ اسرائيل خلاف ميچ نہ کيڏيو ۽ پوائنٽس وڃايا، جنهن سبب ورلڊ ڪپ مان ٻاهر ٿيڻ جو خطرو به پيدا ٿيو، پر بعد ۾ هو ڪواليفاءِ ڪرڻ ۾ ڪامياب ٿي ويا.

1980 ۽ 1990 واري ڏهاڪي دوران آسٽريليا، ويسٽ انڊيز، نيوزيلينڊ ۽ انگلينڊ سياسي يا ميزباني سبب ڪجھ ميچن مان دستبرداري اختيار ڪئي.

1986 ۾ ڀارت سري لنڪا ۾ ٿيندڙ ايشيا ڪپ ۾ شامل نه ٿيو، ڇاڪاڻ⁠تہ سري لنڪا ۾ تامل آبادي سان ورتاءَ تي ڀارت کي اعتراض هئا، 1990–91 ۾ ڪشمير تڪرار سبب پاڪستان ايشيا ڪپ ۾ حصو نه ورتو.

1996 ۾ آسٽريليا ۽ ويسٽ انڊيز سري لنڪا ۾ سيڪيورٽي خدشن سبب پنهنجا ورلڊ ڪپ ميچ نہ کيڏيا، جنهن بعد سري لنڪا ٽورنامنٽ کٽي ورتو،2003 جي ورلڊ ڪپ ۾ انگلينڊ زمبابوي خلاف ميچ کيڏڻ کان انڪار ڪيو، جڏهن ته نيوزيلينڊ ڪينيا جو دورو نه ڪيو، جنهن سبب ٻنهي ميچن جا پوائنٽس ميزبان ٽيمز کي مليا.

وقت سان گڏ ڪرڪيٽ هڪ اربين ڊالرن جي صنعت بڻجي چڪي آهي، جتي سياست، پيسو ۽ راند هڪ ٻئي سان ڳنڍيل آهن، ماهرن موجب، سياست کي ڪرڪيٽ کان مڪمل طور ڌار ڪرڻ تمام ڏکيو عمل آھي.

مزید خبریں

مقبول ترین خبریں