نئين دهلي : ڀارت جي گادي واري شھر نئين دهلي ۾ لال قلعي ميٽرو اسٽيشن ڀرسان ڌماڪي ۾ 10 ڄڻا مارجي ويا آھن ۽ ڪيترائي زخمي ٿيا آھن.
ڀارتي ميڊيا جو چوڻ آهي تہ لال قلعي ميٽرو اسٽيشن جي گيٽ نمبر هڪ ڀرسان هڪ گاڏي ۾ ڌماڪو ٿيو، فوري طور ڌماڪي جي نوعيت معلوم ناهي ٿي سگهي.
اختيارن موجب ڌماڪي سبب 6 گاڏين ۽ 3 رڪشا کي باھہ لڳي وئي، جنهن تي ضابطو آندو ويو
ڀارتي ميڊيا موجب ڌماڪي ۾ مارجي ويل 10 ڄڻن جا لاش ۽ 24 زخمين کي اسپتال منتقل ڪيو ويو…