بچاءُ واري وفاقي وزير خواجا آصف چيو آھي تہ ڀارت جي پاڪستان تي ٻيھر حملي واري امڪان کي رد نہ ٿو ڪري سگھجي ٿي، اسان کي ھوشيار رھڻو پوندو.
خانگي ٽي وي کي انٽرويو ڏيندي خواجا آصف چيو تہ ڀارت جي سڪيورٽي اسٽيبليشمينٽ پاران ڏنل تازن بيانن مان ظاھر آھي تہ پاڪستان ھٿان شڪست بعد ڀارت جي اندروني سياست ۽ مودي تي وڏو پريشر آھي، تنھنڪري ھو اٻھرائپ ۾ ڪو بہ غلط فيصلو ڪري سگھن ٿا .
خواجا آصف مئي مھيني ۾ ڀارت ۽ پاڪستان وچ ۾ 4 ڏينھن واري ڇڪتاڻ جو حوالو ڏيندو چيو تہ ڀارت ۾ سوشل ميڊيا کان پارليامينٽ تائين مودي سرڪار تي ٿيندڙ تنقيد ختم ٿيڻ جو نالو نہ وٺي رھي آھي ۽ ڀارت ۾ اليڪشن بہ گھڻي پري نہ آھي.
بچاءُ واري وزير چيو تہ ٻيون ڪارڻ اھو آھي تہ ڀارت خطي ۾ عالمي سطح تي اڪيلو ٿي رھيو آھي، جنھن جو ڪارڻ بہ مئي مھيني واري جنگ آھي ، ٻئي پاسي پاڪستان جي جنگ ۾ ڪاميابي سان خطي ۾ پاڪستان جو ڪردار وڌيو آھي ۽ اسان جي ساراھ ٿي رھي آھي.
ڀارت ٻيھر ڪو مس ايڊوينچر ڪري سگھي ٿو؟ جي سوال جي جواب ۾ خواجا آصف چيو تہ ڀارت ھن وقت مايوسي واري حالت ۾ آھي، تنھنڪري ڀارت جي پاڪستان تي ٻيھر حملي کي رد نہ ٿو ڪري سگھجي، اسان کي ھوشيار رھڻو پوندو .