نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر اسحاق ڊار چيو آهي تہ ڀارت نور خان ايئربييــس تي حملو ڪري وڏي غلطِي ڪئي، 4 ڏينهن جي جنگ دوران پاڪستان جي هٿياربند فوجن ڀارت جو غرور مٽي ۾ ملائي ڇڏيو.
اسلام آباد ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي هن چيو تہ 22 اپريل کانپوءِ پرڏيهي کاتو تمام گهڻو سرگرم رھيو، ڀارت نور خان ايئربيــس تي حملو ڪري وڏِي غلطِي ڪئي، ڀارت ايف-16 جهاز ڪيرائڻ بابت بہ ڪوڙو ڳالھايو، اسان دنيا کي واضح ڪيو تہ اسان پهرين وار نہ ڪنداسين۔
هن چيو تہ پهلگام جي اوٽ ۾ ڀارت سنڌ طاس معاهدي کي نشانو بڻايو، پلوامہ جي اوٽ ۾ ڀارت والاريل ڪشمير کي مڪمل طور ڳِهڻ جي ڪوشش ڪئي، پلوامہ واقعي کانپوءِ ڀارت جيڪو ڪجهہ ڪيو اهو سڀ اسان کي ياد هو، ڀارت 36 ڪلاڪن اندر 80 جهاز موڪليا، جن مان 79 کي اسان نيوٽرلائيز ڪيو۔
اسحاق ڊار چيو تہ جهاز ڪيرائڻ بعد ڀارت مسلسل غلط بياني ڪندو رھيو، اسان ڪنھن کي بہ نہ چيو تہ ڀارت سان جنگبندي ڪرايو، 4 ڏينهن واري جنگ ۾ پاڪستان جي هٿياربند فوجن ڀارتي دعوائن کي ڌوڙ ڪري ڇڏيو.
نائب وزيراعظم چيو تہ جڏھن پي ڊي ايم اقتدار سنڀاليو تہ پاڪستان سفارتي طور بلڪل اڪيلو هو، 6 مئي کان اڳ ۽ پوءِ 60 عالمي اڳواڻن جا فون آيا، ڀارت جو ميزائل هڻڻ وڏي غلطِي هئي، هڪ ڊرون فوجي تنصيبات کي معمولي نقصان رسايو، پاڪ-ڀارت جنگ ۾ ڀارت جا 79 ڊرون نيوٽرلائيز ٿيا۔
هن چيو تہ 2025 ۾ پاڪستان کي ٻيهر عزت ۽ وقار مليو، پاڪستان سفارتي سطح تي هاڻي اڪيلو ناهي، پاڪستان جي هڪ ارب ڊالر جي ذميواري سيڙپڪاري ۾ تبديل ٿي ويندي، يو اي اي جي ملٽري فائونڊيشن ۾ هڪ ارب ڊالر جي سيڙپڪاري ڪئي ويندي….۔