ڀارتي ڪوسٽ گارڊ جي ڪارروائي، تيل اسمگل جي الزام ھيٺ ٽن ٽينڪرز کي قبضي ۾ وٺي ڇڏيو

فہرستِ مضامین

ممبئي: ڀارتي ڪوسٽ گارڊ سمنڊ ۾ تيل اسمگلنگ جي مبينا نيٽورڪ خلاف ڪارروائي ڪندي 3 آئل ٽينڪرز کي تحويل ۾ وٺي ڇڏيو آھي.

ڀارتي اختيارين موجب هي ڪارروائي ممبئي کان لڳ ڀڳ 100 سامونڊي ميل اولهہ طرف ڪئي وئي، جتي شڪي جهازن کي روڪي وڌيڪ قانوني ڪارروائي لاءِ  ممبئي منتقل ڪيو پيو وڃي۔

ڀارتي ڪوسٽ گارڊ پاران جاري ڪيل بيان ۾ چيو ويو آهي تہ جديد ٽيڪنالاجي، ڊيٽا پيٽرن جي تجزيي ۽ نگراني نظام ذريعي جهازن جي نشاندهي ڪئي وئي

بيان موجب هي نيٽورڪ پاڻي جي جھازن کان جھاز تيل منتقلي ذريعي تڪرارن کان متاثر علائقن جو سستو تيل ٻين ٽينڪرن تائين منتقل ڪري رھيو ھو تہ جئين سامونڊي ملڪن کي ٽيڪس ۽ ڊيوٽيز کان بچائي سگھجي.

ڪوسٽ گارڊ جو چوڻ آهي تہ تفصيلي جاچ، اليڪٽرانڪ ڊيٽا جي ڇنڊڇاڻ ۽ عملي کان پڇا ڳاڇا کانپوءِ هن نيٽورڪ جي ڪم ڪرڻ جي طريقي ۽ عالمي سطح تي موجود رابطن جو پتو لڳايو ويو آهي، ڀارتي اختيارين پنهنجي بيان ۾ ايران، جهازن جي مالڪي يا ڪنهن پابندي جي سڌي طرح ڀڃڪڙي جو ذڪر نہ ڪيو آهي۔

ٻئي پاسي ٽينڪر ٽريڪنگ فرم “ٽينڪر ٽريڪرز” ۽ ايراني ميڊيا رپورٽن ۾ دعويٰ ڪئي وئي آهي تہ ضبط ڪيل ٽيئي جهاز ايران سان لاڳاپيل آهن ۽ اهي اڳ ئي آمريڪي پابندين جو شڪار ھئا۔

رپورٽن موجب انهن جهازن جا نالا اي ايل جافزيا، اسفالٽ اسٽار ۽ اسٽيلر روبي آهن، جڏھن تہ انهن مان هڪ جهاز ايراني جهنڊي ۾ ڪم ڪري رھيو هو۔

ايراني ميڊيا جو چوڻ آهي تہ اهي ٽينڪر تيل اسمگلنگ جي الزام هيٺ روڪيا ويا آهن ۽ 2025ع ۾ آمريڪي پابندين کي منهن ڏئي چڪا هئا، ڀارتي ڪوسٽ گارڊ موجب اهي جهاز ماضي ۾ ڪيترائي ڀيرا پنهنجي سڃاڻپ تبديل ڪندا رھيا آهن.

ڀارتي اختيارين هن ڪارروائي کي سامونڊي سلامتي بابت ڀارت جي ڪردار جو مظاهرو قرار ڏيندي چيو آهي تہ ملڪ عالمي قانونن تحت سامونڊي نظام جي تحفظ لاءِ سرگرم آهي، في الحال ڀارتي يا ايراني اختيارن  پاران ايران سان تعلق ھجڻ جي حوالي سان باضابطا ردعمل سامھون ناھي آيو….

مزید خبریں

مقبول ترین خبریں