بلوچستان جي ضلعي زوب جي علائقي سمبازه جي حدن ۾ پاڪ افغان بارڊر تي سيڪيورٽي فورسز جي ڪليئرنس آپريشن دوران ڀارتي حمايت يافته فتنته الخوارج جا وڌيڪ 14 دھشتگرد مارجي ويا آھن.
سيڪيورٽي فورسز پاران گذريل رات فتنته الخوارج خلاف جاري آپريشن دوران 33 دھشتگرد مارجي ويا ھئا، آپريشن دوران مارجي ويل خارجي دھشتگردن جو انگ وڌي 47 ٿي ويو آھي.
پاڪ فوج جي ترجمان اداري آءِ ايس پي آر موجب 8 ۽ 9 آگسٽ جي وچ واري رات پاڪ افغان سرحد ويجھو سمبازھ جي علائقي ۾ دھشتگردن جي مارجي وڃڻ بعد ڪليئرنس آپريشن شروع ڪيو ويو.
مارجي ويل دھشتگردن وٽان ھٿيار ۽ گولا بارود ھٿ
ڪليئرنس آپريشن دوران ڀارتي سرپرستي ۾ سرگرم وڌيڪ 14 دھشتگردن کي ٽريس ڪيو ويو، ڪارروائي دوران ٽريس ڪيل سمورا دھشتگرد مارجي ويا.
آءِ ايس پي آر موجب ڪليئرنس آپريشن ۾ مارجي ويل خارجي دھشتگردن وٽان ھٿيار، گولابارود ۽ ڌماڪيدار مواد بھ ھٿ ڪيو ويو، ٻن ڏينھن جي آپريشن دوران مجموعي طور 47 دھشتگرد مارجي ويا.
بيان ۾ چيو ويو ته پاڪ فوج ۽ ٻيا سيڪيورٽي ادارا پاڪ سرزمين کي دھشتگردن جي ناپاڪ وجود کان محفوظ رکڻ لاءِ پرعزم آھن.
دھشتگردن جي زوب ۾ داخل ٿيڻ جي ڪوشش ناڪام
گذريل ڏينھن سيڪيورٽي فورسز فتنته الھندوستان جي خارجي دھشتگردن جي افغان سرحد وٽان زوب ۾ داخل ٿيڻ جي ڪوشش ناڪام بڻائي ڇڏي ھئي.
آءِ ايس پي آر موجب 7 ۽ 8 آگسٽ جي وچ واري رات ڀارتي حمايت يافتھ دھشتگردن داخل ٿيڻ جي ڪوشش ڪئي، پر سيڪيورٽي فورسز فوري ڪارروائي ڪندي کين روڪي ورتو، ڪارروائي دوران 33 خارجي دھشتگرد مارجي ويا.
سيڪيورٽي فورسز زوب جي علائقي سمبازھ ۾ خارجي دھشتگردن جي چرپر جو پتو لڳائي ورتو ۽ اثرائتي ڪارروائي ڪندي سندن علائقي ۾ داخل ٿيڻ جي ڪوشش ناڪام بڻائي ڇڏي.
آءِ ايس پي آر موجب مارجي ويل دھشتگردن وٽان وڏي انگ ۾ ھٿيار، گولا بارود ۽ ڌماڪيدار مواد به ھٿ آيو.
صدر ۽ وزيراعظم جي سيڪيورٽي فورسز کي ڀيٽا
صدر آصف علي زرداري ۽ وزيراعظم شھباز شريف 24 ڪلاڪن دوران فتنتھ الخوارج جي 47 دھشتگردن جي مارجي وڃڻ تي سيڪيورٽي فورسز جي ڪردار جي واکاڻ ڪندي کين ڀيٽا پيش ڪئي آھي.
ايوان صدر سيڪريٽريٽ جي ميڊيا ونگ پاران جاري ڪيل بيان موجب صدر آصف علي زرداري چيو تھ ٻن ڏينھن جي آپريشن دوران 47 دھشتگردن جو مارجي وڃڻ سيڪيورٽي فورسز جي وڏي ڪاميابي آھي.
صدر آصف علي زرداري پنھنجي بيان ۾ دھشتگرديءَ جون مڪمل طور پاڙون پٽڻ جي عزم جو ورجاءُ ڪندي چيو ته دھشتگرديءَ خلاف ويڙھ ۾ قوم سيڪيورٽي فورسز سان ڪلھو ڪلھي ۾ ملائي بيٺل آھي.
وزيراعظم شھباز شريف بھ زوب جي سرحدي علائقي ۾ پاڪ افغان سرحد تان پاڪستان ۾ داخل ٿيڻ جي ڪوشش ڪندڙ فتنتھ الخوارج جي دھشتگردن کي روڪڻ ۽ ڪامياب ڪارروائي ڪرڻ تي سيڪيورٽي فورسز کي ڀيٽا پيش ڪئي.
وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري ڪيل بيان موجب وزيراعظم شھباز شريف چيو تھ 33 دھشتگردن جي مارجي وڃڻ واري سيڪيورٽي فورسز جي ڪارروائي واکاڻ جوڳي آھي.
ھن چيو تھ سيڪيورٽي فورسز جي جوانن پنھنجي جان تي کيڏي دھشتگردن جي داخل ٿيڻ واري ڪوشش ناڪام بڻائي ۽ سندن ناپاڪ ارادا ڌوڙ ڪري ڇڏيا.
وزيراعظم شھباز شريف چيو تھ دھشتگرديءَ خلاف جنگ ۾ سموري قوم سيڪيورٽي فورسز سان گڏ بيٺل آھي، ھن چيو تھ ملڪ مان ھر قسم جي دھشتگرديءَ جي مڪمل خاتمي لاءِ پرعزم آھيون.