ڀارتي جيلن مان ڪيترا پاڪستاني مھاڻا آزاد ٿيا؟ فاطمہ مجيد مھاڻن جي وارثن کي ڪھڙي خاطري  ڪرائي؟

فہرستِ مضامین

رپورٽ: شھنشاھ چارڻ/ ملير+ابراھيم حيدري: سنڌ جي سامونڊي پٽي سان تعلق رکندڙ، ڀارتي جيلن مان آزاد ماڻي  لاهور پهتل پاڪستاني ماهيگيرن جي وارثن اڄ فشرمينز ڪوآپريٽو سوسائٽي جي چيئرپرسن فاطمه مجيد سان ملاقات ڪئي.

ياد رھي تہ  فشرمين ڪوآپريٽو سوسائٽي جي چيئرپرسن فاطمه مجيد ڪجھہ ڏينھن اڳ تصديق ڪئي ھئي تہ ڀارت 9 سيپٽمبر 2025ع تي 48 پاڪستاني مهاڻن ۽ 19 عام شهرين کي سزا مڪمل ٿيڻ بعد واگهہ بارڊر ذريعي پاڪستان حوالي ڪري ڇڏيو آهي.

ڀارتي پرڏيھي وزارت مھاڻن ۽ عام پاڪستانين جي آزادي انساني ھمدردي ۽ قانوني گھرجن تحت کنيو آھي، سرڪاري فهرست مطابق اڃا تائين ڀارت جي جيلن ۾ 81 پاڪستاني مهاڻا ۽ 381 عام شهري قيد آهن، جن جي آزادي لاءِ پاڪستان لڳاتار مطالبو ڪري رهيو آهي.

فاطمه مجيد آزاد ٿيل مھاڻن جي وارث عورتن کي ٻڌايو ته جڏهن آزاد ٿيل ماهيگير ڪراچي پهچندا ته انهن جي آجيان ڪئي ويندي، ڀارتي جيلن ۾ قيد باقي پاڪستاني ماهيگيرن جي جلد رهائي لاءِ فشرمينز ڪوآپريٽو سوسائٽي پنهنجو ڀرپور ڪردار ادا ڪندي، جيئن اهي به جلدي پنهنجي وارثن وٽ موٽي سگهن۔

چيئرپرسن فاطمه مجيد يقين ڏياريو ته فشرمينز ڪوآپريٽو سوسائٽي ڀارتي جيلن ۾ قيد ماهيگيرن جي وارثن سان هر ممڪن سهڪار جاري رکندي۔

مزید خبریں

مقبول ترین خبریں