ڪراچي(رپورٽ: شبير لاشاري) سنڌ جي ريگستاني علائقي ٿرپارڪر ضلعي ۾ جھنگلي سوئرن جي آبادي ۾ واڌ اچي وئي آھي ، تازين برساتن کان پوءِ ٿرپاڪر جي مختلف علائقن ۾ جھنگلي سوئرن کي ٽولن جي صورت ۾ ڏٺو ويو، سوشل ميڊيا تي اھڙيون تصويرون ۽ ويڊيوز پڻ وائرل ٿيون آھن .
ان سلسلي ۾ ڊبليو ٽي اين نيوز پاران رابطو ڪرڻ تي جھنگلي جيوت کاتي جي چيف ڪنزرويٽر جاويد مھر ٻڌايو تہ ٿر سميت سنڌ جي جابلو علائقن توڙي ٻيلن ۾ جھنگلي جيوت صدين کان موجود آھي پر ڪجھ ڏھاڪا اڳ موبائيل فون يا ڪيمرا نہ ھئي، ان ڪري اھا آبادي نظر نہ ايندي ھئي.
سوئر جا ٻچا گدڙ کائيندو آھي
چيف ڪنزرويٽر جاويد مھر ٻڌايو تہ قدرتي طور ھر جنس کي کائڻ وارو موجود ھوندو آھي، سوئر جي ننڍن ٻچن کي گدڙ کائيندو آھي ان ڪري شايد پھرين ٿر ۾ سوئرن جي آبادي ايتري نہ ھئي، ھاڻي ڏسڻو پوندو تہ ٿر ۾ ڪٿي گدڙن جي آبادي گھٽجي تہ نہ وئي آھي.
ھڪ سوال جي جواب ۾ جاويد مھر ٻڌايو تہ جھنگلي جيوت کاتي پاران اھا سروي ناھي ڪئي وئي تہ ٿر ۾ ڪيترا گدڙ موجود آھن، ڇاڪاڻ تہ وٽن ايترو عملو موجود نہ آھي.
جھنگلي جيوت کاتي ميرپورخاص ڊويزن جي ڊپٽي ڪنزويٽر مير اعجاز ٽالپر جو موقف ھو تہ گذريل پنجن سالن کان ٿرپاڪر ضلعي ۾ ھر قسم جي شڪار تي پابندي آھي ان ڪري ھر قسم جي جھنگلي جيوت جي آبادي ۾ اضافو ٿيو آھي.
مير اعجاز ٽالپر چيو تہ ٿر ۾ ھاڻي روڊن تي ھرڻ،سيھڙ ۽ ٻي جھنگلي جيوت ڏسڻ ۾ ايندي آھي ۽ نگرپارڪر ۾ نيري ڳئون (نيل گائي) جي آبادي ۾ بہ اضافو ٿيو آھي.