ٿرڪول ۾ مقامي ماڻهن کي روزگار نه ملڻ ۽ ڊاڪٽر عبدالڪريم شيخ جي آپگهات واقعي جي ذميوارن جي گرفتاري لاءِ جسقم جي سڏ تي احتجاجي مظاهرو ڪري ڌرڻو ھنيو ويو آھي.
رمضان خاصخيلي، آزاد ڪنڀر ۽ عزيم هنڱورجو جي اڳوڻي ۾ مٺي جي ڪشمير چوڪ تي ڌرڻو هنيو ويو.
اڳواڻن چيو تہ ٿر ۾ ڪوئلو نڪتو ته سڄي سنڌ خوش ٿي هئي ته هاڻ ٿر ترقي ڪندو، پر بدقسمتي سان مقامي ماڻهن کي روزگار به نٿو ڏنو وڃي.
ٿر امن پسند علائقو آهي، پر هتي هاڻ منشيات جو وڪرو عام ٿي ويو آهي، جنهن سبب بدامني پکڙجي پئي
مظاهرين مطالبو ڪيو تہ ڊاڪٽر عبدالڪريم شيخ جي آپگهات واقعي جي ذميوارن کي فوري طور گرفتار ڪري سخت سزا ڏني وڃي۔