ٿائيلينڊ ۾ مسافر ٽرين ٽريڪ تي ڪريل ڪرين سان ٽڪرائجي وئي، 22 مسافر فوت

فہرستِ مضامین

ٿائيلينڊ ۾ مسافر ٽرين ٽريڪ تي ڪريل اڏاوتي ڪرين سان ٽڪرائجي وئي، جنهن سبب ڪيترائي ماڻھو فوت ٿي ويا آھن.

پرڏيھي ميڊيا موجب، بنڪاڪ کان اوبون رتڇاٿاني ويندڙ ايڪسپريس ٽرين کي ٿائيلينڊ جي شهر ناخون رتچاسيما ۾ خوفناڪ حادثو پيش آيو۔

انتظاميہ جو چوڻ آهي تہ مسافر ٽرين ڪرين سان ٽڪرائجڻ سبب هڪ زوردار آواز آيو ۽ ٽرين ٽريڪ تان لهي وئي، جنهن سبب ڪرين جو باقي ڍانچو پڻ ٽٽي ٽرين تي ڪري پيو۔

انتظاميہ موجب حادثي ۾ 22 ڄڻا فوت ٿي چڪا آھن جڏھن تہ 50 کان وڌيڪ زخمي آھن.

ريسڪيو اهلڪارن موجب، تباهہ ٿيل بوگين ۾ تقريبن 190 مسافر ڦاٿل آهن، جن کي ڪڍڻ لاءِ ريسڪيو ڪارروايون جاري آهن۔

مزید خبریں

مقبول ترین خبریں