پ پ پاران 27 ھين ترميم جي ٽن نقطن جي حمايت، اين ايف سي مان ڪٽوتي جي مخالف

فہرستِ مضامین

ڪراچي: پيپلزپارٽي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي تہ آرٽيڪل 243 تي حڪومت جي حمايت ڪنداسين ۽ آئيني عدالت جي حق ۾ آھيون، صوبن جو حصو گھٽائڻ بابت ترميم جي حمايت نہ ڪنداسين، ميثاقِ جمهوريت ۾ شامل ٻين نقطن تي بحث ٿيڻ گهرجي.

ڪراچي ۾ پارٽي جي سينٽرل ايگزيڪيوٽو ڪميٽي جي اجلاس کانپوءِ ميڊيا سان ڳالهائيندي بلاول ڀٽو زرداري چيو تہ آرٽيڪل 243 تي حڪومت جي حمايت ڪنداسين، هي آرٽيڪل منظور ٿيڻ گهرجي ۽ آئيني عدالت جي حق ۾ آهيون.

هن چيو تہ ميثاق جمھوريت ۾ آئيني عدالت جو ذڪر آهي ۽ 27هين ترميم ۾ حڪومت آئيني عدالت قائم ڪرڻ جي تجويز آهي، اصولي طور تي آئيني عدالت جي حق ۾ آهيون ۽ ڏسنداسين تہ ڪهڙن ٻين نقطن تي اتفاق ڪري سگهجي ٿو.

بلاول ڀٽو چيو تہ گذريل ڏينھن چيو هو تہ آرٽيڪل 243 ۾ ترميم جي حمايت ڪيون ٿا ۽ ججز جي بدلي بابت پيپلز پارٽي پنهنجي تجويز تيار ڪئي آھي.

ھن چيو تہ ججز جي بدلي واري معاملي تي پيپلزپارٽي جي تجويز آھي تہ ھي جنھن عدالت مان بدلي ٿيڻ گھرجي ان عدالت جي چيف جسٽس ۽ جتي بدلي ٿئي ان عدالت جي چيف جسٽس کي ان ڪميشن جو ميمبر بڻايو وڃي جنھن کي بدلي جو فيصلو ڪرڻو آھي ۽ پوءِ اھا ڪميشن لاڳاپيل جج کي گھرائي ان جي راءِ بہ طلب ڪري سگھي ٿي.

بلاول ڀٽو چيو تہ ٻٽي شهريت، اليڪشن ڪميشن ۽ ٻين معاملن تي پارٽي ۾ اتفاق راءِ ناھي ٿي سگھيو، انڪري آئيني ترميم جي ٻين نقطن جي حمايت نٿا ڪري سگھون.

پيپلزپارٽي چيئرمين چيو تہ اين ايف سي تحت صوبن جو حصو وڌي سگهي ٿو، گهٽ نہ ٿو سگهي ۽ ان جو تحفظ پيپلزپارٽي ڪندي.

هن وڌيڪ چيو تہ پيپلزپارٽي مڪاني چونڊن کي ترجيح ڏئي ٿي، مڪاني چونڊن کي آئين ۾ جيڪو تحفظ مليل  آهي، اهو پيپلز پارٽي جي ڪري آھي، پر اسان غير جماعتي بلدياتي چونڊن جي مخالفت ڪندا رھيا آھيون.

بلاول ڀٽو چيو تہ 27هين ترميم جي سلسلي ۾ جڏھن ن ليگ اسان سان رابطو ڪيو، تڏھن انهن مڪاني چونڊن بابت ڪنهن بہ ترميم جو ذڪر نہ ڪيو.

هڪ سوال جي جواب ۾ بلاول ڀٽو چيو تہ 27هين آئيني ترميم صدر جي اختيارن ۽ سول بالادستي تي ڪو بہ اثر نہ پوندو..

مزید خبریں

مقبول ترین خبریں