پ پ سينٽرل ايگزيڪيوٽو ڪميٽي جا اڪثر ميمبر ن ليگ جي حڪمراني مان ناخوش:  مھيني جو وقت ڏيو، سڀ ٺيڪ ٿي ويندو: آصف زرداري

فہرستِ مضامین

ڪراچي: پاڪستان پيپلز پارٽي جي سينٽرل ايگزيڪيوٽو ڪميٽي جي اجلاس جي اندروني ڪھاڻي سامھون اچي وئي آھي.

گذريل ڏينھن بلاول ھائوس ۾ پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري جي صدارت ھيٺ ٿيل پارٽي جي سينيٽرل ايگزيڪيوٽو ڪميٽي جي اجلاس دوران اھم معاملن تي مشاورت ڪئي وئي.

اجلاس جي اندروني ڪھاڻي سامھون آئي آھي، جنھن موجب صدر آصف علي زرداري وفاقي حڪومت يا ن ليگ جي خلاف ڪو بہ فيصلو ڪرڻ جي حق ۾ نہ ھو.

پيپلز پارٽي سينٽرل ايگزيڪيوٽو ڪميٽي جي اجلاس ۾ اڪثر ميمبرن، ن ليگ ۽ وفاقي حڪومت بابت خدشن جو اظھار ڪيو، ن ليگ جي حڪمراني جي طرز ۽ پنجاب حڪومت کان ميمبر خوش نہ ھئا.

اندروني ڪھاڻي موجب اجلاس دوران صدر آصف علي زرداري سينٽرل ايگزيڪيوٽو ڪميٽي جي ميمبرن سان مخاطب ٿيندي چيو تہ، مونکي ھڪ مھيني جو وقت ڏيو، سڀ معاملا درست ٿي ويندا، مھيني بعد وري سي اي سي جو اجلاس گھرايو.

آصف علي زرداري سي اِي سي  کي ٻڌايو تہ وزير اعظم شھباز شريف ۽ نائب وزير اعظم اسحاق ڊار مسئلا حل ڪرڻ جو واعدو ڪيو آھي، ان ڪري کين وقت ڏيڻ گھرجي.

صدر آصف زرداري جي درخواست تي پيپلز پارٽي سي اي سي ميمبرن ن ليگ جي وفاقي حڪومت کي ھڪ مھيني جو وقت ڏنو آھي.

مزید خبریں

مقبول ترین خبریں