ڪراچي: پيپلزپارٽي جي سينٽرل ايگزيڪيوٽو ڪميٽي جو اجلاس جاري آھي، جنھن ۾ تجويز ڪيل 27 ھين آئيني ترميم تي بحث ڪيو پيو وڃي.
ذريعن موجب، پيپلز پارٽي ۾ ايگزيڪيوٽو مئجسٽريٽ جي اختيارات لاءِ آرٽيڪل 175 ۽ شق 3 ۾ تبديلي جي تجويز واري معاملي تي اتفاقِ راءِ ناهي ۽ اڪثر ميمبرن جي راءِ آھي تہ اختيارن ۾ تبديلي نہ ڪرڻ گھرجي.
ٻئي طرف 27هين آئيني ترميم تي پيپلزپارٽي ۽ حڪومت وچ ۾ ڊيڊ لاڪ برقرار آهي، پيپلزپارٽي گذريل اجلاس ۾ ھٿياربند فوج جي مقررين بابت آرٽيڪل 243 ۾ تبديلي کانسواءِ باقي سڀني تجويزن کي رد ڪيو ھو
حڪومت پيپلزپارٽي جي موقف جي روشني ۾ اڄ ٿيندڙ وفاقي ڪابينا جو اجلاس ملتوي ڪيو ويو ھو.
گذريل رات سي اي سي اجلاس کانپوءِ بريفنگ ڏيندي پ پ چيئرمين بلاول ڀٽوزرداري چيو تہ پيپلز پارٽي صوبن جي خودمختياري جي شق ۽ اين ايف سي فارمولي ۾ ڪا بہ تبديلي قبول نہ ڪئي ويندي .
بلاول ڀٽو چيو تہ پيپلزپارٽي صوبي جي خودمختياري جي شق ۽ اين ايف سي فارمولي ۾ ڪنھن بہ تبديلي جي حمايت نہ ڪندي .
پ پ چيئرمين چيو تہ آئيني عدالت واري معاملي تي چئني صوبن جي نمائندگي ھجي، جڏھن تہ تجويز ڪيل 27 ھين آئيني ترميم تي ايم ڪيو ايم ۽ ق ليگ سميت ٻيون اتحادي جماعتون حڪومت جي حمايت ڪري چڪيون آھن.