ڪراچي: پيپلزپارٽي پارليامينٽرينز جي اطلاعات سيڪريٽري شازيہ مري چيو آھي تہ پيپلزپارٽي صوبن کي مضبوط ڏسڻ چاهي ٿي، اهڙي ڪنهن بہ قانونسازي جي حمايت نٿي ڪري سگھي جيڪا صوبن جا اختيار واپس وٺڻ لاءِ هجي.
شازيہ مري ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو تہ پيپلز پارٽي ڪڏھن بہ صوبن کي ڏنل اختيار واپس نٿي وٺي سگھي، اهڙي ڪنهن بہ پروپوزل جي حمايت نٿا ڪري سگھن جيڪا صوبن جا اختيار واپس وٺڻ لاءِ هجي، جيڪڏھن آئيني ترميم ۾ اهڙي ڪا شيءِ آهي جيڪا نظام ۾ سڌارو آڻي سگهي ٿي تہ ان جي حمايت ڪنداسين.
شازيہ مري چيو تہ جيڪڏھن ترميم ۾ اهڙي ڪا شيءِ آهي جنھن سان ماڻهن کي رليف فراهم ڪرڻ ۾ بھتري آڻي سگهي ٿي تہ ان جي حمايت ڪنداسين.
ھن چيو تہ 18 ترميم ۽ اين ايف سي حصي تي سندن موقف واضح آهي، پوئتي نہ هٽنداسين، 18 هين ترميم جو رول بيڪ ممڪن ئي ناهي..