پ پ ايم اين اي خورشيد شاھ ۽ سنڌ اسيمبلي جي اسپيڪر اويس قادر شاھ، ٻين خلاف آمدني کان وڌيڪ اثاثن وارو ڪيس: معاملو ھڪ ارب 23 ڪروڙ جو نہ رڳو 19 ڪروڙ جو آھي، نيب 5سالن بعد حتمي چالان پيش ڪري ڇڏيو

فہرستِ مضامین

سکر جي عدالت ۾ پيپلز پارٽي جي اڳواڻ خورشيد شاھ ۽ سندس خاندان جي ٻين فردن خلاف آمدني کان وڌيڪ اثاثن واري ڪيس جي ٻڌڻي ٿي آھي.

ايم اين اي خورشيد شاهه، سنڌ اسيمبلي جي اسپيڪر اويس شاهه ۽ ٻيا سکر جي احتساب عدالت ۾ پيش ٿيا آھن۔

نيب پراسيڪيوٽر 5 سال ۽ 10 مھينن کانپوءِ 19 ڪروڙ رپين جو حتمي چالان عدالت ۾ جمع ڪرايو آهي، جنھن ۾ زرعي زمين، سونا زيور ۽ ٻين ملڪيتن جي پراڻي ماليت بابت رپورٽ شامل ڪئي وئي آھي۔

نيب 2019ع ۾ ۾ ھڪ ارب 23 ڪروڙ رپين جي ماليت جو عبوري ريفرنس داخل ڪرايو ٿو،وڪيل موقف اختيار ڪيو تہ 30 کان 40 سال اڳ خريد ڪيل اثاثن جي ماليت 2019 جي حساب سان ظاهر ڪئي وئي هئي.

نيب پراسيڪيوٽر عدالت کي ٻڌايو تہ نيب ۾ ٿيل ترميمن کانپوءِ 19 ڪروڙ رپين جي ماليت وارو آمدني کان وڌيڪ اثاثن جو ڪيس نيب جي اختيار ۾ نه ٿو اچي، ڪيس نيب عدالت مان منتقل ڪري ايف آءِ اي عدالت ۾ موڪليو وڃي.

خورشيد شاهه جي وڪيل عدالت ۾ چيو ته اثاثن جي ماليت 19 ڪروڙ کان به گهٽ آهي، ڪيس ختم ڪيو وڃي، ايم اين اي هي ڪيس ايف آءِ اي عدالت ۾ به ٻڌڻ جي قابل نه آهي۔

عدالت وڪيلن جا دليل ٻڌڻ کانپوءِ ٻڌڻي 27 آڪٽوبر تائين ملتوي ڪري ڇڏي

مزید خبریں

مقبول ترین خبریں