رپورٽ: فيصل جمن/ اسلام آباد
اسلام آباد ھاءِ ڪورٽ پاڪستان ٽيلي ڪميونيڪيشن اٿارٽي (پي ٽي اي) جي چيئرمين ميجر جنرل رٽائرڊ حفيظ الرحمان کي عھدي تان ھٽائڻ وارو فيصلو معطل ڪري ڇڏيو آھي.
اسلام آباد ھاءِ ڪورٽ جي جسٽس محمد آصف ۽ جسٽس انعام امين منھاس تي ٻڌل ٻہ رڪني بينچ پي ٽي اي چيئرمين جي انٽرا ڪورٽ اپيل تي ٻڌڻي ڪئي، جنھن دوران پي ٽي اي چيئرمين جو وڪيل پيش ٿيو.
ٻڌڻي دوران پي ٽي اي جي وڪيل چيو تہ درخواست ۾ جنھن رليف جي استدعا بہ نہ ڪئي وئي، اھو رليف بہ ڏنو ويو، چيئرمين کي ھٽائڻ کان اڳ نہ رولز کي چئلينج ڪيو ويو نہ ئي اٽارني جنرل کي نوٽيس جاري ٿيو.
وڪيل عدالت آڏو موقف اختيار ڪيو تہ اٽارني جنرل کي نوٽيس جاري ٿيڻ ضروري ھو پر اھو نہ ڪيو ويو، آئين موجب جنھن عمل جي استدعا نہ ڪئي وڃي، ان کي نٿو ڏسي سگھجي.
سلمان منصور وڌيڪ چيو تہ عدالت پاڻ لکيو آھي تہ بحث اڃا مڪمل ناھي ٿيو، اعتراضن تي ٻڌل 2 درخواستون بہ داخل ٿيون آھن، انھن کي ٻڌڻ کانسواءِ فيصلو محفوظ ڪيو ويو.
سلمان منصور جي دليلن تي جسٽس محمد آصف رمارڪس ڏنا تہ اوھان کي تہ دليلن لاءِ گھڻو وقت ڏنو ويو ھو.
عدالت وڪيل جا دليل ٻڌڻ بعد جسٽس بابر ستار جو فيصل معطل ڪندي پي ٽي اي چيئرمين کي عھدي تي بحال ڪري ڇڏيو آھي.
پي ٽي اي چيئرمين کي عھدي تان ڇو ھٽايو ويو ھو؟

اسلام آباد ھاءِ ڪورٽ پاڪستان ٽيلي ڪميوني ڪيشن اٿارٽي ( پي ٽي اي ) جي چيئرمين کي عھدي تان ھٽائڻ جو حڪم ڏنو ھو، ميجر جنرل ريٽائرڊ حافظ حفيظ الرحمان عدالتي فيصلي خلاف انٽرا ڪورٽ اپيل داخل ڪرائي ھئي.
اسلام آباد ھاءِ ڪورٽ جي جسٽس بابر ستار پي ٽي اي چيئرمين ميجر جنرل ريٽائرڊ حفيظ الرحمان کي عھدي تان ھٽائڻ لاءِ اسامہ خلجي نالي درخواستگذار جي درخواست تي 99 صفحن تي ٻڌل لکت ۾ حڪمنامو جاري ڪيو ھو.
عدالت لکت ۾ جاري ڪيل حڪماني ۾ پي ٽي اي چيئرمين ميجر جنرل ريٽائرڊ حفيظ الرحمان کي عھدي تان ھٽائڻ جو فيصلو ٻڌائيندي ھدايت ڪئي تہ پي ٽي اي چيئرمين جي عبوري چارج اداري جي ڪنھن سينيئر ميمبر کي ڏني وڃي.
عدالت پنھنجي حڪماني ۾ وفاقي حڪومت کي شفاف عمل ذريعي پي ٽي اي جو نئون چيئرمين مقرر ڪرڻ جو بہ حڪم ڏنو ھو.
اسلام آباد ھاءِ ڪورٽ پي ٽي اي چيئرمين کي فوري طور عھدي تي چارج ڇڏڻ جو حڪم ڏيندي فيصلي تي عملدرآمد لاءِ عدالتي فيصلي جي ڪاپي ڪابينا جي سيڪريٽري ۽ پي ٽي آءِ ميمبرز کي موڪلڻ جي ھدايت ڪئي ھئي.
پي ٽي اي ميمبرز مان نئين چيئرمين جي چونڊ ڪيئن ٿي ڪري سگھجي؟
عدالت فيصلي ۾ لکيو تہ پي ٽي اي چيئرمين جي مقرري قانون موجب نہ، ان ڪري کيس عھدي تان ھٽايو وڃي ٿو، جيستائين حڪومت نئون پي ٽي آءِ چيئرمين مقرر نٿي ڪري، تيستائين سينيئر ميمبر عارضي طور تي چيئرمين جون ذميواريون نڀائي.
جسٽس بابر ستار تي ٻڌل سنگل بينچ 15 سيپٽمبر تي فيصلو محفوظ ڪندي پي ٽي اي چيئرمين جي مقرري واري عمل جو رڪار ڊجمع ڪرائڻ چاھي ٿي تہ ڀلي ڪري، حڪومت اھو بہ ٻڌائي سگھي ٿي تہ پي ٽي اي ميمبرز مان چيئرمين جي چونڊ ڪيئن ٿي ڪري سگھجي؟
پي ٽي اي چيئرمين اسلام آباد ھاءِ ڪورٽ پاران کيس عھدي تان ھٽائڻ واري فيصلي خلاف آرڊيننس 1972 تحت اپيل داخل ڪرائي آھي.
درخواستگذار موقف اختيار ڪيو ھو تہ کيس مئي 2023 ۾ پي ٽي اي چيئرمين ۾ ميمبر ( انتطاميہ) ميمبر ڪيو ويو، جنھن بعد کيس مئي 2023 ۾ ترقي ڏئي چيئرمين مقرر ڪيو ويو.
درخواستگذار حفيظ الرحمان موجب ھـُن پي ٽي اي چيئرمين طور قانون ۽ ضابطن تحت پنھنجيون ذميواريون انجام ڏنيون ۽ اسلام آباد ھاءِ ڪورٽ جي فيصلي خلاف اپيل مقرري قانوني ثابت ڪرڻ لاءِ داخل ڪئي آھي.درخواست ۾ عدالت کي تڪڙي ٻڌڻي لاءِ مقرر ڪرڻ جي استدعا بہ ڪئي وئي آھي.
پي ٽي اي چيئرمين جي مقرري جو طريقيڪار؟
پاڪستان ٽيلي ڪميونيڪيشن اٿارٽي ( پي ٽي اي ) چيئرمين ھڪ اھم حڪومتي عھدو آھي، جنھن جي مقرري لاءِ خاص قانوني ۽ انتظامي طريقيڪار مقرر آھي، مقرري پاڪستان ٽيلي ڪميونيڪيشن ايڪٽ 1996 تحت ڪئي ويندي آھي.
پي ٽي اي چيئرمين جو عھدو خالي ٿئي تہ حڪومت اشتھار جاري ڪندي، اشتھار عام طور تي اخبارن ۽ سرڪاري ويب سائيٽ تي ڏني ويندي، جنھن بعد اميدوارن کان درخواستون گھرائجن ٿيون.
پي ٽي اي چيئرمين جي مقرري لاءِ اميدوار وٽ لاڳاپيل شعبي ٽيلي ڪميونيڪيشن، قانون، آءِ ٽي ۾ اعليٰ تعليم ۽ تجربي جي گھرج ھوندي آھي، عام طور تي گھٽ ۾ گھٽ 20 سالن جو تجربو، مئنيجمينٽ يا رھبري جو تجربو رکندڙ کي اھميت ڏني ويندي آھي.
انفارميشن اينڊ ٽيڪنالوجي واري وزارت، ڪابينا ڊويزن يا لاڳاپيل وزارت عام طور تي اسڪروٽني ڪميٽي يا سليڪشن بورڊ جوڙي درخواستن جي ڇنڊڇاڻ ڪندي ۽ لاڳاپيل اميدوارن جا انٽرويو ڪندي، شارٽ لسٽ ڪيل اميدوارن مان حڪومت ھڪ جي چونڊ ڪندي.
چونڊيل اميدوار جو نالو وزيراعظم پاڪستان کي موڪليو ويندو، سندس منظوري بعد وزيراعظم صدر پاڪستان کي تجويز ڪندو، جنھن جي منظوري بعد پي ٽي اي چيئرمين جي مقرري جو سرڪاري نوٽيفڪيشن جاري ڪيو ويندو.