پي ٽي آءِ ۽ جي يو آءِ پاران محمود خان اچڪزئي کي اپوزيشن ليڊر نامزد ڪرڻ تي اتفاق

فہرستِ مضامین

اسلام آباد : تحريڪ انصاف جي وفد جي جي يو آءِ سربراھ مولانا فضل الرحمان سان ملاقات ٿي، جنھن ۾ محمود خان اچڪزئي جي اپوزيشن ليڊر نامزدي تي اتفاق ڪيو ويو.

پي ٽي آءِ وفد اسلام آباد ۾ مولانا فضل الرحمان جي رھائشگاھ پھتو، وفد ۾ اڳوڻو اسپيڪر اسد قيصر، صوبائي صدر جنيد اڪبر ۽ شھرام ترڪئي شامل ھئا

ملاقات ۾ جي يو آءِ جي مولانا صلاح الدين ايوبي، ايڊووڪيٽ جلال الدين، مولانا اسجد محمود بہ شريڪ ٿيو.

جي يو آءِ پاران جاري ڪيل پڌرائي موجب ملاقات ۾ ملڪي سياسي ۽ خطي جي صورتحال تي گفتگو ڪئي وئي

پي ٽي آءِ وفد ڪي پي ۾ پي ٽي آءِ جي قومي جرڳي جي تجويز تي مولانا فضل الرحمان سان مشاورت ڪئي ۽ مولانا تجويز جي آجيان ڪئي.

پڌرائي موجب پي ٽي آءِ وفد مولانا فضل الرحمان سان پارليامينٽ ۾ اپوزيشن کي متحد ڪرڻ لاءِ ڪردار ادا ڪرڻ جي اپيل ڪئي، ملاقات ۾ محمود خان اچڪزئي جي اپوزيشن ليڊر طور نامزدگي تي اتفاق ڪيو ويو.

جي يو آءِ جي پڌرائي ۾ چيو ويو آھي تہ پي ٽي آءِ وفد ڪي پي اسيمبلي ۾ سينيٽ جي خالي سيٽ تي جي يو آءِ کان سھڪار جي درخواست ڪئي.

مزید خبریں

مقبول ترین خبریں